ذيابيطس اهڙي بيماري آهي، جنهن ۾ رت ۾ گلوڪوز جو مقدار معمول کان وڌي وڃي ٿو. ان جو تعلق رڳو وڌيڪ مٺاڻ کائڻ سان ناهي، پر ان جا ٻيا به ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا. خاص طور تي ٻئي قسم جي ذيابطيس عام آهي، پر ان جون شروعاتي نشانيون ڪڏهن ڪڏهن ايتريون معمولي هونديون آهن، جو ماڻهو انهن کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن.
جسم خوراڪ مان حاصل ٿيندڙ گلوڪوز کي توانائي لاءِ استعمال ڪندو آهي، جڏهن ته انسولين اهو هارمون آهي، جيڪو لبلبي مان ٺهندو آهي ۽ گلوڪوز کي جسم جي گهرڙن تائين پهچائڻ ۾ مدد ڪندو آهي. جڏهن جسم مناسب مقدار ۾ انسولين پيدا نه ڪري سگهي يا جسم جا گهرڙا انسولين خلاف مزاحمت ڪرڻ لڳن ته رت ۾ کنڊ جي مقدار وڌڻ لڳي ٿي.
ذيابيطس جي شروعاتي نشانين ۾ غيرمعمولي بک ۽ لڳاتار ٿڪاوٽ شامل ٿي سگهن ٿيون. جيڪڏهن جسم گلوڪوز کي اثرائتي نموني توانائي ۾ تبديل نه ڪري سگهي ته ماڻهو کي بار بار بک لڳڻ سان گڏ ڪمزوري ۽ ٿڪاوٽ پڻ محسوس ٿي سگهي ٿي.
بار بار پيشاب اچڻ به هڪ اهم نشاني ٿي سگهي ٿي. رت ۾ کنڊ جي مقدار وڌڻ تي جسم اضافي گلوڪوز کي پيشاب وسيلي خارج ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ معمول کان وڌيڪ ڀيرا پيشاب اچي سگهي ٿو ۽ جسم مان پاڻي به وڌيڪ خارج ٿئي ٿو. ان ئي سبب ڪري اڃ پڻ وڌي سگهي ٿي.
وات جو خشڪ رهڻ ۽ چمڙي تي خارش به جسم ۾ پاڻي جي کوٽ سان لاڳاپيل نشانيون ٿي سگهن ٿيون. وڌيڪ پيشاب اچڻ سبب جسم ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿئي ته وات خشڪ ٿيڻ سان گڏ چمڙي ۾ خشڪي ۽ خارش پڻ ٿي سگهي ٿي.
پيرن يا ڄنگهن ۾ لڳاتار سور به اهڙي نشاني آهي، جنهن کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي، جيتوڻيڪ رڳو ڄنگهن جو سور ذيابيطس جي حتمي نشاني نٿو سمجهي سگهجي.
اهڙيءَ ريت ڪنهن واضح سبب کان سواءِ تيزيءَ سان وزن گهٽجڻ به ڌيان طلب نشاني ٿي سگهي ٿي. جڏهن جسم گلوڪوز کي مناسب نموني توانائي طور استعمال نه ڪري سگهي ته توانائي جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ جسم ۾ موجود ٻيا ذخيرو استعمال ڪرڻ شروع ڪري سگهي ٿو، جنهن سان وزن گهٽجڻ ۽ ٿڪاوٽ محسوس ٿي سگهي ٿي.
اهي نشانيون ذيابيطس ڏانهن اشارو ڪري سگهن ٿيون، پر انهن مان ڪنهن هڪ نشاني جي موجودگي سان بيماري جي حتمي سڃاڻپ نٿي ٿي سگهي. شڪ جي صورت ۾ رت جا گهربل معائني ڪرائڻ ۽ ڊاڪٽر کان طبي صلاح وٺڻ ضروري آهي.