روبوٽن جو انسانن لاءِ احتجاج: ”30 نقلي ماڻهن ۽ ڪُتن جا جهنڊا کڻي نعرا

هٿرادو ڏاهپ ۽ روبوٽ ٽيڪنالاجي جي تيزيءَ سان وڌندڙ استعمال جتي نيون سهولتون پيدا ڪيون آهن، اتي انساني روزگار جي مستقبل بابت خدشا پڻ وڌڻ لڳا آهن. ان بحث کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پولينڊ جي گاديءَ واري شهر وارسا ۾ لڳ ڀڳ 30 روبوٽن انوکو احتجاج ڪيو ۽ هٿرادو ڏاهپ ۽ روبوٽ بڻجڻ واري عمل لاءِ وڌيڪ سخت ضابطا جوڙڻ جو مطالبو ڪيو.

اهو مظاهرو پولينڊ جي ڊجيٽل معاملن واري وزارت جي سامهون ڪيو ويو، جتي مختلف قسمن جي روبوٽن هٿن ۾ جهنڊا کڻي مارچ ڪيو ۽ مقرر ڪيل نعرا آواز وڌائيندڙ اوزارن ذريعي هلايا ويا ويا. مظاهري ۾ ٻن ٽنگن تي هلندڙ انسان نما روبوٽن سان گڏ چئن ٽنگن وارا روبوٽ ڪتا پڻ شامل هئا.

مظاهري دوران ”روزگار جو بچاءُ ڪريو“، ”ضابطا ٺاهڻ جو وقت اچي ويو آهي“ ۽ ”انتظار نه ڪريو، ضابطا ٺاهيو“ جهڙا نعرا ٻڌڻ ۾ آيا. هن دلچسپ احتجاج هڪ پاسي روبوٽ ٽيڪنالاجي جي هاڻوڪي صلاحيتن ڏانهن ڌيان ڇڪايو ته ٻئي پاسي اهو سوال پڻ اٿاريو ته جيڪڏهن روبوٽ انسانن لاءِ مخصوص ڪم ڪرڻ لڳا ته مستقبل ۾ روزگار جي صورتحال ڪهڙي هوندي.

مظاهري جو اهتمام ’ڊيموڪريٽزم‘ نالي هڪ مهم طرفان ڪيو ويو، جنهن جو مقصد هٿرادو ڏاهپ ۽ روبوٽ بڻجڻ واري عمل جا روزگار جي منڊي تي پوندڙ اثرن بابت بحث کي هٿي وٺرائڻ آهي.

مهم جي انتظام ڪندڙ گريگورز ڪوليِش موجب خاص طور تي ان خدشي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته انسان نما روبوٽ ۽ هٿرادو ڏاهپ نه رڳو جسماني پر ذهني نوعيت جا ڪم پڻ انسانن کان کسي سگهن ٿا.

هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن هن معاملي تي هاڻي ئي قدم نه کنيو ويو ته ويجهي مستقبل ۾ وڏو مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته اهڙا قانون ۽ ضابطا ضروري آهن، جيڪي ملازمن لاءِ حفاظتي ڍال جو ڪردار ادا ڪن.

مظاهري جو هڪ دلچسپ پاسو اهو به هو ته هٿرادو ڏاهپ سان هلندڙ انسان نما روبوٽ ’Agibot A3‘ صحافين جي سوالن جا جواب پڻ ڏنا. روبوٽ چيو ته احتجاج ۾ موجود مشينون اهو ڏيکارڻ لاءِ آنديون ويون آهن ته روبوٽ ٽيڪنالاجي هاڻي رڳو مستقبل جو تصور نه، پر عملي حقيقت بڻجي چڪي آهي.

انتظام ڪندڙن جو چوڻ هو ته روبوٽن کي احتجاج ۾ شامل ڪرڻ جو مقصد انهن جي هاڻوڪين صلاحيتن جو عملي مظاهرو ڪرڻ پڻ هو. سندن موجب اهي مشينون پاڻ حرڪت ڪري سگهن ٿيون ۽ اهڙا ڪم انجام ڏئي سگهن ٿيون، جيڪي ماضي ۾ رڳو انسانن سان لاڳاپيل سمجهيا ويندا هئا.

بهرحال، هن مظاهري هڪ دلچسپ سوال پڻ ڇڏي ڏنو ته اڳواٽ رڪارڊ ڪيل نعرا نشر ڪندڙ روبوٽ واقعي احتجاج ڪري رهيو هو يا رڳو انسانن جي احتجاج جو فني مظاهرو پيش ڪري رهيو هو.

پولينڊ جي ڊجيٽل معاملن واري وزير ڪرسٽوف گاڪوفِسڪي پڻ احتجاج واري هنڌ پهچي انتظام ڪندڙن سان ملاقات ڪئي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ضابطي کان ٻاهر هٿرادو ڏاهپ جا نمونا انسان نما روبوٽن ۾ شامل ڪيا ويا ۽ اهي مشينون ڪم دوران لاڳيتو پنهنجون صلاحيتون وڌائينديون رهيون ته ان جا سنگين نتيجا سامهون اچي سگهن ٿا.

وزير جي موجودگي هن مظاهري کي رڳو تشهيري سرگرمي بدران هٿرادو ڏاهپ جي نگراني ۽ ضابطا جوڙڻ بابت جاري بحث سان پڻ ڳنڍي ڇڏيو.

پولينڊ ۾ هٿرادو ڏاهپ جي نگراني جو معاملو اڳ ئي قانون سازي جو حصو بڻجي چڪو آهي. گذريل جولاءِ ۾ صدر ڪارول ناؤروڪي يورپي يونين جي هٿرادو ڏاهپ بابت قانون ’EU AI Act‘ کي ملڪ ۾ لاڳو ڪرڻ لاءِ قانون جي منظوري ڏني هئي.

وارسا ۾ روبوٽن جو هي احتجاج اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن يورپ ۾ هٿرادو ڏاهپ جي استعمال، انساني روزگار، ٽيڪنالاجي جي نگراني ۽ محفوظ هٿرادو ڏاهپ جي ضرورت بابت بحث تيزيءَ سان جاري آهي. هن مظاهري ان بحث کي هڪ منفرد شڪل ڏني، جتي انسانن جي مستقبل بابت خدشن جو اظهار پاڻ روبوٽن وسيلي ڪيو ويو.

You might also like