اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر ۽ سينيٽر شيري رحمان ٻارن سان وڌندڙ زيادتي جي ڪيسن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
شيري رحمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته جنوري کان جون 2026ع دوران ٻارن سان زيادتي جا 1914 ڪيس رپورٽ ٿيڻ اسان لاءِ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، جڏهن ته پنجاب مان 80 سيڪڙو ڪيس رپورٽ ٿيڻ ثابت ڪري ٿو ته اتي ٻارن جي تحفظ جو نظام مڪمل طور ناڪام ٿي چڪو آهي.
هن چيو ته 43 سيڪڙو جوابدارن جو ٻارن جو واقفڪار هجڻ ٻڌائي ٿو ته مسئلي جو هڪ سبب گهرن ۾ مناسب نگراني جو نه هجڻ پڻ آهي، جڏهن ته لڳ ڀڳ 45 سيڪڙو واقعا ٻارن جي پنهنجن گهرن ۾ پيش اچڻ انتهائي افسوسناڪ آهي.
شيري رحمان چيو ته 57 سيڪڙو ڪيس شهري ۽ 43 سيڪڙو ٻهراڙي وارن علائقن مان رپورٽ ٿيا آهن، اهو مسئلو سڄي معاشري جو آهي، ڪنهن هڪ طبقي تائين محدود ناهي.
هن چيو ته 89 سيڪڙو ڪيسن جو داخل ٿيڻ هاڪاري ڳالهه آهي، پر ترت جاچ ۽ وقتائتي ڪارروائي به ضروري آهي.
سندس چوڻ هو ته ٻارن سان زيادتي ڪندڙ جوابدار ڪنهن به رعايت جا حقدار ناهن، هر ڪيس کي مثال بڻايو وڃي ۽ جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، اعليٰ عدليه کي ٻارن خلاف سنگين ڏوهن جي ڪيسن جي فوري ٽرائل کي يقيني بڻائڻ گهرجي.
شيري رحمان وڌيڪ چيو ته ٻارن جو تحفظ رياست ۽ معاشري ٻنهي جي گڏيل ذميواري آهي.
هن والدين تي به زور ڏنو ته هو پنهنجي چوڌاري موجود شڪي ماڻهن تي سخت نظر رکن. جيڪڏهن اسان معصوم ٻارن کي تحفظ فراهم نٿا ڪري سگهون ته اها نظام جي سڀ کان وڏي ناڪامي هوندي.
ٻارن سان جنسي زيادتي جا 1914 ڪيس، 80 سيڪڙو پنجاب ۾، تحفظ جو نظام مڪمل ناڪام ٿي چڪو آهي: شيري رحمان
You might also like