ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سماجي ڪارڪن سورٺ سنڌو چيو آهي ته سنڌ جي تقدير جو فيصلو اهي ماڻهو نٿا ڪري سگهن، جيڪي سنڌ کي پنهنجي ”مادرِ وطن“ طور قبول ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهن.
پنهنجي فيسبڪ پوسٽ ۾ سورٺ سنڌو لکيو ته ”سنڌ جي حفاظت ڪرڻ اسان جي قومي ذميواري آهي.“
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي تقدير جو فيصلو نه اهي ماڻهو ڪري سگهن ٿا، جيڪي سنڌ کي پنهنجي مادرِ وطن طور قبول نٿا ڪن ۽ نه ئي اهي، جن جي سوچ ۾ سنڌ کي هڪ قوم طور ڏسڻ جو تصور ئي موجود ناهي.
You might also like