ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا فاطمه ثنا شيخ جو چوڻ آهي ته عورتن کي پدرشاهي سوچ خلاف جدوجهد ڪرڻي پوندي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، اداڪارا فلمي صنعت ۽ معاشري ۾ عورتن کي روزمره جي زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ صنفي تعصب بابت ڳالهائيندي چيو ته عورتن کي اهڙن روين خلاف آواز اٿارڻو ۽ جدوجهد ڪرڻي پوندي.
اداڪارا پنهنجي ايندڙ عدالتي ڊراما فلم“هنڪار – دي رور“ جي ٽريلر لانچ واري تقريب دوران ان مسئلي تي ڳالهائيندي پنهنجا خيال ظاهر ڪيا.
فاطمه ثنا شيخ چيو ته اسان جي شروعات ئي ٻن قدم پوئتي کان ٿيندي آهي، توهان ڪنهن به ڪمري ۾ هجو، ڪنهن به عهدي تي هجو، طاقت يا درجابندي ۾ توهان جي حيثيت ڪهڙي به هجي، ان سان ڪو فرق نٿو پوي، ڇو ته اهو سڀ ڪجهه معاشري جي تربيت جو نتيجو آهي.
هن چيو ته ائين ناهي ته اسان ان قابل ناهيون، اسان کي خبر ناهي ته اسان ڇا چاهيون ٿا يا اسان ذهين ناهيون، پر معاشرو اهڙي نموني جوڙيو ويو آهي جو اهو توهان کي موقعو ئي نٿو ڏئي. معاشرو توهان کي چوي ٿو ته هڪ منٽ ترسو، پهريان پاڻ کي ثابت ڪريو.
اداڪارا ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پدرشاهي سوچ کي هٿي ڏيڻ جي ذميواري رڳو مردن تي لاڳو نٿي ٿئي، پر عورتون به ڪڏهن ڪڏهن ساڳي معاشرتي سوچ کي پنهنجي اندر جذب ڪري وٺن ٿيون.
سندس چوڻ هو ته اسان سڀني جي پرورش هڪ ئي معاشرتي ماحول ۾ ٿي آهي، تنهنڪري اسان کي ان سوچ خلاف جدوجهد ڪرڻي پوندي.
واضح رهي ته اداڪارا فاطمه ثنا شيخ فلم”هنڪار – دي رور“۾ به اهڙن ئي موضوعن کي اسڪرين تي پيش ڪندي، جنهن ۾ هوءَ هڪ بيباڪ پوليس آفيسر جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
فلم جي هدايتڪاري ڪرن ڊي ڪپاڊيا ۽ نتيا مهرا ڪئي آهي، جڏهن ته فلم 25 سيپٽمبر کان جيو هاٽ اسٽار تي اسٽريمنگ لاءِ پيش ڪئي ويندي.
عورتن کي صنفي تعصب ۽ هر وقت پاڻ کي اهل ثابت ڪرڻ خلاف ويڙهه وڙهڻي پوندي: فاطمه ثنا شيخ
Prev Post
You might also like