لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پيپلزپارٽي جي معافي واري مطالبي تي چيو آهي ته مان ڇو معافي وٺان؟ معافي اهو ترجمان وٺي جنهن آفت وقت پنجاب تي تنقيد ڪئي، مريم نوازشريف ڪڏهن به معافي نه وٺندي.
لاهور ۾ اليڪٽرڪ بس پروجيڪٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته لاهور منهنجو، نوازشريف ۽ شهبازشريف جو گهر آهي، لاهور ۾ هر هنڌ نوازشريف جي محبت ۽ خدمت جا نشان نظر اچن ٿا، ماڻهو لاهور اچن ٿا ته چون ٿا ڄڻ ٻئي ملڪ ۾ آيا هجن، ماڻهو چون ٿا ته پنجاب جي وزيراعليٰ اسان کي ڏئي ڇڏيو.
هن چيو ته ڊسمبر تائين لاهور ۾ وڌيڪ 70 بسون اچي وينديون، شيخوپورا، لاهور ۽ قصور ڊويزن ۾ گڏيل طور 500 بسون ٿين ٿيون.
وزيراعليٰ چيو ته 20 لک ماڻهن کي راشن ڪارڊ ڏينداسين، ماهوار 3 هزار رپيا ملندا، 60 هزار خاص ماڻهن کي ڪارڊ ڏنا ويا آهن، هڪ لک تائين پهچائينداسين، سموگ جي خاتمي لاءِ قدم کنيا آهن، فضا کي صاف ڪري رهيا آهيون ته جيئن عوام صاف هوا ۾ ساهه کڻي سگهي.
مريم نواز چيو ته پنجاب جا درياءَ پلٽي پيا هئا، 26 ضلع ٻڏي ويا، پنجاب حڪومت 25 لک ماڻهن کي ٻوڏ مان ٻاهر ڪڍيو، متاثرن کي مهمانن وانگر رکيو ويو، روزانو 3 وقتن جو کاڌو ڏنو ويو، ٻوڏ ۾ 250 ماڻهن کي نانگ ڪکيو جن کي ويڪسين ڏئي سندن زندگيون بچايون ويون.
هن وڌيڪ چيو ته جڏهن حلف کنيو هو ته پنجاب ۾ سرعام قتل، ڦرون ۽ ريپ ٿيندا هئا، اڄ سي سي ڊي ڪجهه مهينن اندر ڏوهن تي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي، مان پنجاب کي عورتن لاءِ محفوظ صوبي بڻائڻ ٿي چاهيان، پنجاب کي محفوظ بڻائڻو آهي ته جيئن عوام سک سان سمهي سگهي.
مريم نواز چيو ته جڏهن پنجاب ۾ ٻوڏ آئي ته هڪ صوبي جا ماڻهو غلط تنقيدون ڪري ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪي رهيا هئا، جڏهن ڪنهن صوبي تي آفت ايندي آهي ته اسان چوندا آهيون ته مدد ڪيون، خيبرپختونخوا ۾ آفت آئي ته علي امين گنڊاپور کي فون ڪري پڇيم ته ڪهڙي مدد گهرجي؟ علي امين منهنجي خلاف بيان بازي ڪئي پر خيبرپختونخوا وارا منهنجا ڀائر ۽ ڀينر آهن.
وزيراعليٰ چيو ته جڏهن پنجاب تي تباهي آئي ته هو ٽي ٽي پريس ڪانفرنسون ڪري مذاق اُڏائي رهيا هئا، چوندا هئا عالمي امداد ڇو نٿا وٺو؟ جڏهن عوام جو پئسو عوام تي خرچ ڪرڻو هجي ته پنڻو ناهي پوندو، چوندا هئا بي آءِ ايس پي مان امداد ڏيو، اسان چوندا هئاسين ته حقدارن کي نه پر ٻوڏ متاثرن کي امداد ڏيڻ گهرجي، پنجاب پنهنجن پيسن مان ڪئنال ڪڍڻ چاهي پيو پر اجازت نه ڏني ويئي، سي سي آءِ ۾ پنجاب جي عوام جو ڪيس وڙهيو، ماڻهن کي ڪڍي احتجاج ڪرايا ويا، جواب ته ڏيڻو پوندو نه؟ مان پنجاب جي حق جي ڳالهه نه ڪنديس ته ڪير ڪندو؟
مريم نواز چيو ته جڏهن ڪو پنجاب خلاف ڳالهائيندو ته مان جواب ڏينديس، ٽي ٽي پريس ڪانفرنسون ٿينديون رهيون مان خاموش رهيس ڇو ته متاثرن کي رليف ڏيڻ ۾ مصروف هيس، پر ماڻهن سمجهيو ته ڇا پنجاب لاءِ ڳالهائيندڙ ڪو به ناهي؟ هاڻي مان جواب ڏينديس ۽ ڀرپور جواب ڏينديس، پنجاب جي ماڻهن سان ڪا به زيادتي نه ٿيڻ ڏينديس.
پيپلزپارٽي جي معافي واري مطالبي تي پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته ” چيو ويو ته مريم نواز معافي وٺي، مان ڇو معافي وٺان؟ معافي اهو ترجمان وٺي جنهن آفت وقت پنجاب تي تنقيد ڪئي، مريم نوازشريف ڪڏهن معافي نه وٺندي، پنجاب جي عوام جي عزتِ نفس جي حفاظت منهنجي ذميواري آهي، قومون پروجيڪٽن سان نه پر خودداري سان ٺهن ٿيون، اڳتي پنجاب بابت ڳالهائڻ کان اڳ سو ڀيرا سوچجو.“
مريم نواز وڌيڪ چيو ته آصف زرداري ۽ بلاول جيڪي منهنجا ڀائر آهن، انهن کي چوڻ ٿي چاهيان ته مونکي ڏک آهي، جڏهن پنجاب جي عوام تي مصيبت آئي ته مون ڪنهن کان پئسا يا مدد نه گهري، پر انهن ان وقت ٽي ٽي پريس ڪانفرنسون ڪري مذاق اڏايو.
ياد رهي ته مريم نواز جي بيانن خلاف اڄ به پيپلزپارٽي قومي اسيمبلي مان واڪ آئوٽ ڪيو.
مان ڇو معافي وٺان؟ معافي اهو ترجمان وٺي جنهن آفت وقت پنجاب تي تنقيد ڪئي:مريم نواز
You might also like