لاڳاپا معمول تي آڻڻ جي ڪوشش، ڀارت ۽ چين وچ ۾ 5 سالن کانپوءِ اُڏامون بحال ڪرڻ جو فيصلو

بيجنگ(ويب ڊيسڪ) ڀارتي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته ڀارت ۽ چين هلندڙ مهيني سڌي ريت اُڏامون ٻيهر شروع ڪندا، جيڪا لاڳاپن کي هوريان هوريان معمول تي آڻڻ ڏانهن هڪ ٻي وک آهي.
واضح رهي ته 2020ع کانپوءِ ڀارت ۽ چين جي گڏيل هماليا سرحد تي فوجين جي موتمار رتوڇاڻ کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪا سڌي اُڏام نه هلي آهي، پر گذريل هڪ سال دوران دهلي ۽ بيجنگ سرحدي تڪرار کي گهٽائڻ ۽ لاڳاپا ٻيهر بحال ڪرڻ لاءِ قدم کنيا آهن.
خميس ڏينهن ڀارت جي سڀ کان وڏي بجيٽ ايئر لائن انڊيگو پنهنجي بيان ۾ چيو ته” ڪمپني 26 آڪٽوبر کان ڪولڪتا ۽ گوانگزو شهرن جي وچ ۾ سڌيون اُڏامون ٻيهر شروع ڪندي.“
ڀارتي پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان موجب، اُڏامن جي بحالي سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ’عوام سان عوام جي رابطن“ کي وڌيڪ سولو بڻايو ويندو ۽ ’ٻطرفي ڏي وٺ کي هوريان هوريان معمول تي آڻڻ ۾ مدد ملندي.‘

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.