سامونڊي طوفان ”شڪتي“ مان ڪراچيءَ کي ڪيترو خطرو آهي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عربي سمنڊ ۾ موجود سسٽم شدت اختيار ڪريو ويو، جنهن سبب سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي موجب، اتر اوڀر عرب سمنڊ ۾ موجود سسٽم شدت اختيار ڪندي ڊپريشن مان ڊيپ ڊپريشن ۾ تبديل ٿي ويو آهي، جيڪو ايندڙ 12 ڪلاڪن اندر طوفان جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته طوفان بڻجڻ جي صورت ۾ ان جو نالو ”شڪتي“ رکيو ويندو، جيڪو سريلنڪا تجويز ڪيو آهي.
موسميات کاتي موجب، طوفان جي شديد سامونڊي طوفان ۾ تبديل ٿيڻ جو امڪان پڻ موجود آهي، جڏهن ته اهو سسٽم ڪراچي کان اٽڪل 400 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ موجود آهي.
موسميات کاتي وڌيڪ چيو آهي ته سسٽم جي اثر هيٺ سمنڊ ۾ چاڙهه رهندي ۽ سامونڊي طوفان پنج يا ڇهه آڪٽوبر تائين عربي سمنڊ ۾ رهي سگهي ٿو.
سمنڊ ۾ چاڙهه سبب موسميات کاتي مهاڻن کي 3 آڪٽوبر تائين سمنڊ ۾ نه وڃڻ جي هدايت به ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.