ملڪ ايجنسين بنا ناهن هلندا، فوج آئيني دائري ۾ رهي ڪم ڪري: اپوزيشن گرينڊ الائنس سربراهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن گرينڊ الائنس ۽ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته اسان جو فوج سان ڪو اختلاف ناهي ۽ نه الائنس ڪنهن اداري خلاف نفرت پکيڙڻ لاءِ ٺاهيو ويو، ڪو به ملڪ ايجنسين بنا نٿو هلي سگهي.
اسلام آباد ۾ اپوزيشن گرينڊ الائنس جي مختصر اجلاس کانپوءِ صحافين سان سان گفتگو ڪندي محمود خان اچڪزئي چيو اسان واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته هي الائنس ملڪ بچائڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي، ملڪ هن وقت خطرناڪ دور مان گذري رهيو آهي ۽ ان کي بحرانن مان اجتماعي سوچ ذريعي ئي ڪڍي سگهجي ٿو.
هن چيو ته اسان جو فوج يا ايجنسي سان ڪو اختلاف ناهي ۽ اسان سمجهون ٿا ته ڪو ملڪ ايجنسين بنا نٿو هلي سگهي پر اسان جو مطالبو آهي ته فوج آئيني دائري ۾ رهندي پنهنجو ڪم ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.