باهه جو درياهه پار ڪري وزيراعليٰ جي ڪرسيءَ تائين پهتي آهيان: مريم نواز

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته سندس دل ۾ انتقام جو ڪوبه جذبو ناهي، وزيراعليٰ جي ڪرسي تي ويهي ڪنهن جي خلاف فيصلو ڪرڻو هجي ته دل تي پٿر رکي ڪندي آهي.
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز لاهور جي چوهنگ پوليس ٽريننگ ڪاليج ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ پوليس يونيفارم پهري شرڪت ڪئي.
پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ 650 عورت اهلڪار آهن، کيس خوشي آهي ته اڄ پهرين عورت اهلڪار کي اعزازي شمشمير ملي، آءِ جي پنجاب کي چيو آهي ته ست هزار عورت پوليس اهلڪار گهٽ آهن انگ وڌايو وڃي.
سندس چوڻ هو ته اڄ پهريون ڀيرو پوليس يونيفارم پهريو ته اندازو ٿيو ته ڪيتري ذميواري آهي، پوليس جي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ عورتن تي فخر آهي.
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته کيس اوهان سڀني تي فخر آهي، جڏهن کان هن وزيراعليٰ جو قسم کنيو تڏهن کان هوءَ هن تقريب جو انتظار ڪري رهي هئي.
مريم نواز عورت پوليس اهلڪارن کي مخاطب ڪندي چيو ته اوهان جي همدردي مظلوم لاءِ هئڻ گهرجي ظالم لاءِ ليڊي پوليس اهلڪار سپر هيومن آهن، عورتون نرم دل هونديون آهن، ان لاءِ معاف ڪري ڇڏينديون آهن.
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته ظالم لاءِ اوهان جي دل ۾ ڪابه نرمي نه هئڻ گهرجي، مظلوم جي دانهن ورنايو ۽ ظالم کي کيس انجام تائين پهچايو.
مريم نواز چيو آهي ته سندس دل ۾ انتقام جو ڪوبه جذبو ناهي، وزيراعليٰ جي ڪرسي تي ويهي ڪنهن جي خلاف فيصلو ڪرڻو هجي ته دل تي پٿر رکي ڪندي آهي.
هن چيو ته وزيرعليٰ جي ڪرسي الله تعاليٰ ڏني آهي، هتي پهچڻ لاءِ باهه جو دريا پار ڪرڻو پيو، ڏکين حالتن گهڻو ڪجهه سيکاريو آهي، ائين نه ٻڌڻو پيو ته نواز شريف جي ڌيءَ آهيان انڪري هتي پهتي آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.