چيف جسٽس نسلا ٽاور جي زمين وڪڻي الاٽيز کي معاوضو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نسلا ٽاور جي زمين وڪڻي الاٽيز کي معاوضو ادا ڪرڻ جي حڪم ڏئي ڇڏيو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ نسلا ٽائور جي متاثرن کي معاوضي جي ادائيگي بابت ڪيس جي ٻڌني ٿي جنهن دوران متاثرن جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته نسلا ٽاور جو بلڊرز وفات ڪري چڪو آهي ۽ اڃا تائين معاوضو ناهي مليو، عدالت44 متاثرن کي معاوضو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
جنهن تي عدالت چيو ته نسلا ٽاور جا متاثر ملڪيت جا دستاويز ثبوتن سان گڏ آفيشل اسائني سان رابطو ڪن.
عدالت نسلا ٽاور جي پلاٽ جي مارڪيٽ ويليو بابت به رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ نسلا ٽاور جي زمين جي وڪرو جو اشتهار شايع ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
عدالت نسلا ٽاور جي زمين وڪڻي الاٽيز کي معاوضو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته نيلاميءَ ۾ ايندڙ واڪَ جي رپورٽ پڻ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي.
واضح رهي ته اڳوڻي چيف جسٽس (ر) گلزار احمد شارع فيصل تي قائم نسلا ٽائور کي 2 سال اڳ ڊاهڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن تي انتظاميا مسلسل 69 ڏينهن ڪم ڪري 15 ماڙ نسلا ٽاور کي مڪمل طور ڊاهي ڇڏيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.