ڪورين يوٽيوبر مسجد ٺاهڻ لاءِ خريد ڪيل زمين ڇو واپس ڪئي؟

مقبول ڪورين مسلمان يوٽيوبر ۽ فنڪار دائود ڪِم مسجد ٺاهڻ واري منصوبي تي ڪم روڪي ڇڏيو.
مسجد ٺاهڻ واري اعلان بعد ماڻهن جي ناڪاري ردعمل اچڻ تي يوٽيوبر ۽ زمين جي مالڪ طرفان ٿيل معاهدو ختم ڪيو ويو.
ڪم پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي پوسٽ ۾ لکيو ته مسجد ٺاهڻ جي حوالي سان ماڻهن کان ورتل سموري رقم انهن کي واپس ڪري ڇڏي آهي، مسجد ٺاهڻ واري فيصلي بعد مون لاءِ مسئلا پيدا ٿيا.
هن لکيو ته الله ڄاڻي ٿو، مون ڪڏهن به ڪنهن کي تنگ ڪيو دوکو ڏنو نه جهيڙو ڪيو، جيڪڏهن ڪٿي اهڙي ڪا ڳالهه ٿي هجي ته مونکي سزا ڏني وڃي.
دائود ڪِم ڏکڻ ڪوريا جي انچيون ۾ واقع يونگ جونگ تي مسجد ٺهرائڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن لاءِ فنڪار هڪ لک 36 هزار 500 ڊالرن ۾ زمين به خريد ڪئي، يوٽيوبر شروعاتي طور تي زمين جي خريداري لاءِ 20 ملين وون جي رقم ادا ڪئي هئي.
واضح رهي ته دائود ڪِم سيپٽمبر 2019ع ۾ اسلام قبول ڪيو هو، دائود ڪم کي ”ڪم ڪيون وو“ ۽ ”جي ڪم“ جي نالي سان به سڃاتو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.