جديد قوم پرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جي اڄ 29هين ورسي

ڄامشورو/ مانجهند/سن (رپورٽ: راجا انور چانڊيو + بابو عمراڻي+ ساگر سولنگي) سن ۾ جديد قوم پرست سياست جي باني مفڪر سائين  جي ايم سيد جي 29 ورسي اڄ عقيدت احترام ۽ قومي جوش سان ملهائي پئي وڃي، جنهن ۾ ايس يو پي طرفان چيئرمين سيد جلال محمود شاهه، صدر سيد زين شاهه، سينئر نائب صدر روشن علي ٻرڙو، جنرل سيڪريٽري جگديش آھوجا ۽  امير آزاد پهنور جي اڳواڻي ۾ سائين جي ايم سيد جي درياءَ واري بنگلي تي صوفي راڳ رنگ جي محفل پڻ رات دير تائين جاري هئي، سنڌ جا بهترين راڳي رفيق فقير وقار ملاح، مسرور سولنگي، غلام حسين سولنگي ۽ شاهه حيدر سنائي درگاهه جي فقيرن سر وکيرڻ جو سلسلو جاري رکيو. ٻئي طرف جيئي سنڌ قومي محاذ طرفان مرڪزي چيئرمين صنعان خان قريشي، امجد خان مهيسر، مومن سمون، ديدار شام ۽ اطهر سومرو جي اڳواڻي ۾ 2 وڳي انڊس هاءِ وي سن کان پيادل ريلي ڪڍي سيد جي مزار تي حاضري ۽ سلامي ڀري مزار جي سيراندي کان جلسو منعقد ڪيو ويندو، جنهن جو پنڊال تيار ڪيو ويو آھي.  جسم (رياض گروپ ) جسقم (آريسر گروپ ) جست (ڪرناڻي گروپ ) جيئي سنڌ قومي پارٽي طرفان گڏيل پليٽ فارم جيئي سنڏ رهبر ڪميٽي طرفان سيد جي مزار جي پيراندي واري گرائونڊ تي جلسو منعقد ٿيندو، جنهن جي اڳواڻي ڪنوينر رياض چانڊيو، اسلم خيرپوري، نواز خان زنئور، سورهيه سنڌي، سرمد ميراڻي، نواز شاهه ڀاڏائي، فتاح  چنا ۽ ٻيا ڪندا. جيئي سنڌ محاذ سهتو گروپ طرفان چيئرمين صوفي حضور بخش علي، نواز ٻٽ، جسقپ طرفان سوڀ قمر ڀٽي، دودو ديشي جي قيادت ۾ مزار تي حاضري ڀري ويندي. ان سلسلي ۾ سن شھر کي جهنڊن سان پڻ سينگاريو ويو آھي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان عورتن ٻارڙن سان گڏ  قافلن جي آمد پڻ جاري آھي، سيڪيورٽي جي سلسلي ۾ ضلع جي مختلف ٿاڻن مان وڏي تعداد ۾ پوليس نفري گهرائي آمري کان اڪرو ٽول پلازه تائين انڊس هاءِ وي تي پڪٽ قائم ڪري سن ايندڙ گاڏين جي چيڪنگ ڪئي پئي وڃي، سن شھر جي مختلف گهٽين ۽ سنڌو درياءَ جي مختلف پتڻن تي پڻ پوليس کي الرٽ ڪيو ويو آھي، جڏھن ته سيد خاندان طرفان ذاتي ماڻھون مقرر ڪري مزار واري گرائونڊ کي عام ٽريفڪ لاءِ بند ڪرائي سيڪيورٽي جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آھن. ٻئي طرف ايس يو پي سنڌ جي صدر سيد زين شاهھ جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سائين جي ايم سيد سياسي اخلاقيات، ڪردار، جرئت ۽ ثابت قدمي جو نالو آھي۔ سائين جي ايم سيد امن ۽ محبت جي پرچار ڪندڙ سنڌ جو سچو عاشق ھو۔سائين جي ايم سيد سنڌ جي جياپي ۽ سنڌي قوم جي حقن لاءِ زندگي جو وڏو حصو قيد ۽ نظربندين ۾ گذاريو. آخري دم تائين پنھنجي مقصد تان نه ھٽيو، سيد زين شاھه وڌيڪ چيو ته اسان هڪ اهڙو ملڪ چاهيون ٿا جنھن ۾ برابري هجي، فيڊريشن هجي، قومن جي وحدت ۽ اختيار هجي ۽ انهن قومن جو پنهنجي وسيلن تي اختيار هجي، ايوانن ۾ برابري هجي، سائين جي ايم سيد جي محبت ۽ سياست جو مرڪز سنڌ هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.