اهلڪار کي گاڏي ذريعي ٽڪر هڻندڙ اينڪر جي اڳوڻي زال گرفتار

اسلام آباد(عمر چيما)وفاقي راڄڌاني اسلام آباد مان هاءِ وي پوليس اهلڪار کي ٽڪر هڻندڙ عورت کي گرفتار ڪري گاڏي هٿ ڪئي وئي.سينئر صحافي عامر متين جي اڳوڻي گهرواري فرحت زهره کي راولپنڊي پوليس گرفتار ڪيو آهي عورت کي ٿاڻي منتقل ڪيو ويو.عامر متين کي هراسان ڪرڻ کانسواءِ اها گرفتاري ڪئي وئي،ٻه ڏينهن اڳ وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ راولپنڊي پوليس جاڳي پئي،اهو واقعو ٿيڻ کانپوءِ فرحت زهر برطانيا هلي وئي،وڊيو جڏهن وائرل ٿي هئي ته فرحت زهره پاڪستان ۾ ئي موجود هئي،کيس اڄ عدالت ۾ پيس ڪيو  ويندو،جوابدار عورت خلاف قتل جي ڪوشش، سرڪاري معاملن ۾ مداخلت ۽ غفلت ۽ لاپرواهي سان گاڏي هلائي اهلڪار کي زخمي ڪرڻ جي شقن تحت ڪيس اڳ ۾ ئي داخل ٿيل آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.