اوهان قبضو ڪرڻ چاهيو ٿا، اسان ڪرڻ نه ڏينداسين، چيف جسٽس جو رميش ڪمار سان مڪالمو

ڪراچي (رپورٽر)هندو جيم خانا جي ملڪيت بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، ايم اين اي رميش ڪمار  سان مڪالمو ڪندي چيو ته اسان کي هندو ڪميونٽي جي اوهان کان وڌيڪ ڳڻتي آهي، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ هندو جيم خانا جي ملڪيت بابت ڪيس جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ايم اين اي رميش ڪمار تجويز پيش ڪئي ته ڪمشنر کان زمين جي ايراضي بابت تفصيل طلب ڪيا وڃن، اوهان زمين سنڌ حڪومت جي حوالي ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته شهر ۾ ڪا به اهڙي عمارت ٻڌايو جيڪا سنڌ حڪومت محفوظ رکي هجي؟ جنهن تي رميش ڪمار جواب ڏنو ته گورنر هائوس ۽ وزيراعليٰ هائوس آهن. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته اتي عوام ناهي ويندو انڪري صاف آهن، جيڪي عوامي هنڌ آهن انهن مان ڪنهن کي صاف رکيو ويو آهي؟ چيف جسٽس رميش ڪمار سان مڪالمو ڪندي چيو ته اوهان گورنر هائوس جي ٻاهران احاطو ڏسو ته ڪهڙو حال آهي، دنيا جو ڪو هڪ ملڪ ٻڌايو جتي گورنر، وزيرعليٰ هائوس جي ٻاهران ڪنٽينر پيل هجن، اهڙو وقت به ايندو جڏهن حڪمرانن کي ڳڻتي ٿيندي، اسان کي هندو ڪميونٽي جي اوهان کان وڌيڪ ڳڻتي آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان قبضو ڪرڻ چاهيو ٿا، اسان ڪرڻ نه ڏينداسين، اوهان کي ته هيءَ جڳهه ته نه ڏينداسين، اوهان کي ڪجهه ٻيو ٺهرائي ڏينداسين. چيف جسٽس رميش ڪمار کان پڇاڻو ڪيو ته اڄڪلهه اوهان جي پارٽي ڪهڙي آهي؟ جنهن تي رميش ڪمار جواب ڏنو ته هو پيپلز پارٽي ۾ آهي. چيف جسٽس چيو ته پارٽيون بدلائيندا ٿا رهو، جتي به رهو هڪ پارٽيءَ ۾ رهو، اڄڪلهه هر شئي خبر بڻجي ويندي آهي، ميڊيا وارا اسان جا هاءِ لائيٽ تبصرا به ڇاپي ڇڏين ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.