سنڌ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان مئي ۾ وٺڻ جو فيصلو

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر ميڊيئيٽ بورڊ جا امتحان مئي ۾ وٺڻ، امتحاني مرڪزن جي چوڌاري قلم 144 لاڳو ڪرڻ ۽  امتحاني سينٽرن تي آڻڻ جي صورت ۾ موبائل فون ضبط ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سنڌ جي يونيورسٽيز ۽ بورڊز جي وزير محمد علي ملڪاڻي ۽ تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه جي گڏيل صدارت هيٺ اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا، سنڌ ۾ بورڊ جي امتحانن بابت بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز نور احمد سمون، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد علي عباسي، سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن صدف انيس شيخ، بورڊز جي چيئرمينن، سيڪريٽرين ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايندڙ مهيني کان سنڌ ۾شروع ٿيندڙ ميٽرڪ ۽ انٽر ميڊيئيٽ بورڊ جي امتحانن جي انتظامن جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي بورڊ جي سربراهن پاران ايندڙ مهيني کان شروع ٿيندڙ ميٽرڪ ۽ انٽر جي امتحانن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس دوران ٻڌايو ويو ته ميٽرڪ جا امتحان مئي جي پهرين هفتي ۽ انٽر جا امتحان مئي جي آخر ۾ وٺڻ جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ حيدرآباد، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد، لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزنن جي سربراهن به بريفنگ ڏني.

  1. ڪراچي ۾ زلزلي جا لوڏا ، شدت 3.2 رڪارڊ

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا رڪارڊ ڪيا ويا. ملير ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، زلزلي جي  شدت 3.2 رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جي لوڏن تي ماڻهو گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، جڏهن ته جاني يا مالي نقصان جا اطلاع ناهن مليا. زلزلي جو مرڪز ملير ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ 12 ڪلوميٽر زمين هيٺ هئي.

  1. ڪراچيءَ ۾ حددخلين خلاف هفتيوار آپريشن جو اعلان

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب شهر ۾ ٽريفڪ رواني برقرار رکڻ لاءِ هفتيوار آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ​​هفتيوار حددخلين خلاف آپريشن صدر، لائيٽ هائوس، ايم اي جناح روڊ، بولٽن مارڪيٽ کان شروع ڪيو ويندو، جڏهن ته آءِ آءِ چندريگر روڊ، نمائش، ايمپريس مارڪيٽ ۽ کھارادر ۾ به آپريشن ڪيو ويندو. هن چيو ته روڊن تي بيٺل دڪانن، اسٽالن، گاڏين ۽ دڪانن تان سامان هٽايو ويندو، شهر ۾ بنا ڪنهن فرق جي حددخلين خلاف آپريشن سڄو هفتو جاري رهندو. ميئر موجب پهرين ڏکڻ، اوڀر ضلعي ۽ پوءِ سينٽرل ضلعي ۾ ڪارروائي ڪئي ويندي، جنهن جي نگراني سينيئر ڊائريڪٽر عمران راجپوت ڪندو.

  1. پاڪستان ۽ ايران ۾ ريمدان سرحد عالمي گذر گاهه قرار ڏيڻ تي اتفاق

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ۽ ايران ريمدان سرحد کي بين الاقوامي گذرگاهه قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي پاڪستان جي دوري جي پڄاڻي تي پاڪستان ۽ ايران گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب ايراني صدر سيد ابراهيم رئيسي وزيراعظم شهباز شريف جي دعوت تي 22 کان 24 اپريل 2024 تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪيو. وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته ايراني صدر سان گڏ هڪ اعليٰ سطحي وفد به پاڪستان جو دورو ڪيو، وفد ۾ ايراني پرڏيهي وزير امير عبداللهيان، ڪابينا جا ٻيا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار به شامل هئا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب دوري دوران مفاهمت جي ڪيترن ئي ياداشتن تي صحيحون پڻ ڪيون ويون، جڏهن ته اقتصادي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اقتصادي ۽ ٽيڪنيڪل ماهرن، چيمبر آف ڪامرس جي وفدن جي باقاعدي تبادلي کي آسان بڻائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٽي آءِ آر تحت ريمدان بارڊر کي انٽرنيشنل بارڊر ڪراسنگ پوائنٽ قرار ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ باقي ٻن سرحدن تي مارڪيٽون کولڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.

  1. اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي نئين انٽرا پارٽي چونڊن تي اعتراض واري ڇڏيا

اسلام آباد (م ڊ)اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف ( پي ٽي آءِ ) جي نئين انٽرا پارٽي چونڊن تي اعتراض لاڳو ڪري ڇڏيا. اليڪشن ڪميشن جي پولٽيڪل فنانس ونگ پي ٽي آءِ کي نوٽيس جاري ڪندي 30 اپريل تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. واضح رهي ته پي ٽي آءِ طرفان چار مارچ تي اليڪشن ڪميشن ۾ انٽرا پارٽي چونڊن جا تفصيل جمع ڪرايا ويا هئا. ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊون ڪالعدم قرار ڏئي پارٽي جو چونڊ نشان واپس وٺي ڇڏيو هو. پي ٽي آءِ طرفان ٽي مارچ تي ٻيهر انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو جنهن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر گوهر علي خان بنا مقابلي چيئرمين ۽ عمر ايوب بنا مقابلي سيڪريٽري جنرل چونڊجي ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.