چيف جسٽس پروٽوڪول واپس ڪري ڇڏيو، رڳو ٻه گاڏيون رهجي ويون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سي جي پي لاءِ مختص پروٽوڪول واپس موڪلي ڇڏيو، پروٽوڪول ۾ هاڻ رڳو ٻه گاڏيون رهجي ويون.
ذريعن موجب چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گاڏي اربع تي سپريم ڪورٽ رجسٽري مان واپسي تي سڀني سگنلز تي بيهندي رهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس هدايت ڪئي آهي ته گاڏي جي اڳيان پائلٽ نه رکيو وڃي ۽ سفر دوران معمول جي ٽريفڪ روان رهڻ گهرجي.
واضح رهي ته اڳوڻي چيف جسٽس صاحبن لاءِ پروٽوڪول جون 10 کان 12 گاڏيون مختص هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.