سعودي بابت بيان تي عمران خان منهنجي ڇنڊ پٽي: شير افضل مروت

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شير افضل مروت چيو آهي ته عمران خان سعودي عرب بابت بيان تي منهنجي ڇنڊ پٽي آهي.
اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان گفتو ڪندي شير افضل مروت چيو ته لطيف کوسا پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي لاءِ حامد خان جو نالو کنيو هو، حامد خان ته سينيٽر آهي، هو پي اي سي چيئرمين نٿو بڻجي سگهي، پي ٽي آءِ ۾ ڪو فارورڊ بلاڪ ناهي.
سندس موجب پي ٽي آءِ باني وڏي واڪين چيو ته ڪا ڊيل ناهي، ڪا مفاهمت ناهي، عمران خان چيو قوم لاءِ ضروري آهي ته اڏام ڀري.
هن چيو ته اڳ ۾ 8 فيبروري، پوءِ 21 اپريل تي اسان جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.