جنرل باجوا مدي ۾ واڌ لاءِ مارشل لا جي ڌمڪي ڏني هئي:عرفان صديقي

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) ن ليگ اڳواڻ سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته جنرل باجوا نه رڳو ملازمت مدي ۾ واڌ گهري هئي بلڪه هڪ اسٽيج تي اهو پيغام به ڏنو هو ته ايڪسٽينشن نه ملي ته مارشل لا لڳائي ڇڏيندس، نوازشريف ٺپ انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ چيو ته مارشل لا ڀلي لڳي وڃي،اڳ ۾ به لڳندي رهي آهي، هن چيو ته جن قوتن ڏانهن اشارو ڪيو پيو وڃي انهن نوازشريف جو رستو ناهي روڪيو، اسان ميڊيا جي محاذ تي پي ٽي آءِ جي ڀيٽ ۾ گهڻُ سرگرم نه آهيون،نوازشريف وزيراعظم ۽ وڏي وزير کان به وڏي منصب تي ويٺو آهي،سادي اڪثريت هجي يا ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت هجي،نوازشريف کي چوٿون ڀيرو وزيراعظم نه بڻجڻو هو،نوازشريف جو رستو روڪڻ جون ڳالهيون ڪرڻ بلڪل بي بنياد آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.