ڪي پي ۾ فارورڊ بلاڪ ۾ آصف زرداري جو ڪردار؟

پشاور(حماد حسن) خيبرپختونخواه ۾ غيرمحسوس طريقي سان پي ٽي آءِ ۾ فارورڊ بلاڪ قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، صوبي ۾ پي ٽي آءِ  جي 30ميمبرن جو هڪ وڏو گروپ ڪاوڙيل آهي ۽ وقت جو انتظار ڪري رهيو آهي،پي ٽي آءِ وٽ صوبائي اسيمبلي ۾ 90 ميمبر آهن، مخصوص سيٽون ملڻ کانپوءِ اپوزيشن ميمبرن جو انگ به وڌي ويو آهي، مخصوص سيٽن جي حوالي سان عدالتي فيصلي جو انتظار ڪيو پيو وڃي،ذريعن موجب نئين ٺهندڙ فارورڊ بلاڪ پٺيان امڪان اهو به ظاهر ڪيو وڃي ته صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخوا ۾ گريٽ گيم کيڏي رهيو آهي،اهي به افواهه آهن ته پرويز خٽڪ پ پ ۾ شامل ٿي رهيو آهي، هو اڳ به پ پ ۾ شامل رهيو آهي، پرويز خٽڪ جيڪڏهن پ پ ۾ شامل ٿيو ته هو صوبي جو گورنر ٿي سگهي ٿو،علي امين گنڊاپور جي مقابلي ۾ مشعال يوسفزئي کي بيهاري ڇڏيو آهي پر صوبائي سطح تي پارٽي ۾ هن جي مخالفت به موجود آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.