آمريڪا کي ٽڪ ٽاڪ مان خطرو؟ پابندي وارو بل قانون بڻجي ويو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ٽڪ ٽاڪ تي پابندي وارو بل صدر جو بائيڊن جي صحيح بعد قانون بڻجي ويو.
هڪ هفتي ۾ قومي سلامتي پيڪج کي قانوني جي شڪل ڏني وئي، جنهن ۾ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي وارو بل به شامل آهي.
پهريان ايوان جي نمائندن ڪانگريس 20 اپريل ۽ بعد ۾ سينيٽ 24 اپريل تي ٽڪ ٽاڪ جي پابندي واري بل جي منطوري ڏني هئي.
هاڻي آمريڪي صدر جو بائيڊن به اهڙي بل تي صحيح ڪري ڇڏي، جنهن بعد ٽڪ ٽاڪ جي پابندي وارو بل قانون بڻجي ويو.
قانون ذريعي ٽڪ ٽاڪ ڪمپني کي پابندي کان بچڻ لاءِ 2 آپشنز ڏنا ويا آهن، ٽڪ ٽاڪ کي ايندڙ نون مهينن ۾ آمريڪي ڪمپني کي وڪرو ڪرڻ جو آپشن ڏنو ويو.
سموري دنيا ۾ ٽڪ ٽاڪ جا هڪ ارب کان وڌيڪ واهپيدار آهن ۽ آمريڪا ۾ به اپليڪيشن جي وڏي مارڪيٽ آهي، 17 ڪروڙ کان وڌيڪ آمريڪي شهري ٽڪ ٽاڪ استعمال ڪندا آهن.
ٻي پاسي ٽڪ ٽاڪ ڪمپني طرفان پابندي کي غير آئيني قرار ڏيندي قانون کي عدالت ۾ چيلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
بيان ۾ چيو ويو ته اسان کي پڪ آهي ته قانون واضح طور تي اسان جي حق ۾ آهي، آمريڪي شهرين جي ڊيٽا محفوظ رکڻ لاءِ اربين ڊالرن خرچ ڪري ڇڏيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.