اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان بسما معروف عالمي ڪرڪيٽ کي الوداع چئي ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان وومينز ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بسما معروف عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
بسما معروف رڪارڊ 276 عالمي مقابلن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي، هن انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ 6 هزار 2 سئو 62 رنسون ٺاهيون ۽ 80 وڪيٽون حاصل ڪيون.
پنهنجي بيان ۾ بسما معروف چيو ته ان راند کي الوداع چئي رهي آهيان جنهن سان مون کي تمام گهڻو پيار آهي، ڪرڪيٽ جو هي سفر يادگار هو ۽ اِهي يادگيريون سدائين گڏ رهنديون.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، ساٿي رانديگرن ۽ گهرڀارتين سميت پرستارن هر قدم تي ساٿ ڏنو جنهن تي سندن ٿورائتي آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.