”مودي کي ووٽ نه ڏيو“ عامر خان ۽ رنوير سنگهه جون به فيڪ وڊيوز ٺهي ويون

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ چونڊن دوران ڊيپ فيڪ وڊيوز به انٽري ڏئي ڇڏي آهي، بالي ووڊ اداڪار عامر خان کانپوءِ رنوير سنگهه به آرٽيفيشل انٽيجنس ذريعي ٺاهيل فيڪ وڊيوز جو نشانو بڻجي ويا.
ڀارت جي چونڊن ۾ووٽرن کي متاثر ڪرڻ لاءِ آرٽيفيشل انٽيليجنس ذريعي جعلي وڊيوز ٺاهڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي عامر خان ۽ رنوير سنگهه جي جعلي وڊيوز ۾ ووٽرن کي چيو ويو ته اهي مودي کي ووٽ نه ڏين، وڊيوز ۾ اداڪارن کي هاڻوڪي حڪومت جي پاليسين تي تنقيد ڪندي به ڏيکاريو ويو هو، بعد ۾ اهي وڊيوز سوشل ميڊيا تان هٽايا ويا، جڏهن ته ٻنهي اداڪارن وڊيوز کي جعلي قرار ڏيندي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي آهي.
ان کان پهريان ڀارتي چونڊن ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس جي مدد سان مشهور سياستدان پنهنجي ئي پارٽي جي حمايت ۾ سامهون آيو هيو.
2016 ۾ فوت ٿي ويل جي لليتا جو پنهنجي پارٽي جي حمايت ۾ آڊيو پيغام ووٽرن کي حيران ڪري ڇڏيو هو، اهو آڊيو به آرٽيفيشل انٽيليجنس جي مدد سان تيار ڪيو ويو.
ٻي پاسي جي لليتا جي مخالف پارٽي به خاموش نه رهي ۽ 2018 ۾ فوت ٿي ويل ايم ڪرونانڌي جو اي آءِ سان ٺهيل وڊيو پيغام به جاري ڪيو ويو، وڊيو ۾ ڪرونانڌي پنهنجي پٽ ۽ تامل ناڊو جي هاڻوڪي وڏي وزير لاءِ عوام کان مدد گهري هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.