محسن نقوي وومين ٽيم جي ڪارڪردگي مان ناخوش، سليڪشن ڪميٽي جا ٽپڙ گول ڪري ڇڏيائين

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ويسٽ انڊيز جي وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي خلاف پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي تي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ايڪشن وٺندي پهرئين مرحلي ۾ وومين سليڪشن ڪميٽي ٽوڙي ڇڏي.
ويسٽ انڊيز وومين ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان وومين ٽيم کي هوم گرائونڊ تي ون ڊي سيريز ۾ ڪلين سوئيپ ڪيو، اهڙي ڪارڪردگي کانپوءِ پهرئين مرحلي ۾ قومي وومين ٽيم جي سليڪشن ڪميٽي کي ٽوڙيو ويو آهي ۽ ڪميٽي جي نئين سر جوڙ جڪ ڪئي وئي آهي.
پاڪستان وومين ٽيم جي نئين سليڪشن ڪميٽيءَ ۾ ستن ميمبرن کي شامل ڪيو ويو آهي، اڳوڻا ڪرڪيٽرز عبدالرزاق، اسد شفيق، اڳوڻي وومين ڪرڪيٽر اسماويا اقبال ۽ مرينا اقبال نئين سلڪيشن ڪميٽي ۾ شامل آهن.
ان کانسواءِ عارضي هيڊ ڪوچ محتشم رشيد، وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ندا ڊار ۽ اڳوڻي ڪرڪيٽ فاطما بتول به سليڪشن ڪميٽي جو حصو آهن.
پي سي بي ترجمان موجب، وومين ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ بهترين ڪوچ جي فوري چونڊ لاءِ حڪم جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته نئين سليڪشن ڪميٽي کي فوري ذميواريون سنڀالڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي چيئرمين محسن نقوي قومي وومين ٽيم جي ڪارڪردگي مان ناخوش آهي ۽ جڏهن ته وومين ڪرڪيٽ ۾ وڏي پئماني تي ڦيرڦار جو امڪان آهي.
اڳوڻي مئنجمينٽ جي دور ۾ چار رڪني ڪميٽي جوڙي وئي هئي جنهن جو چيئرمين سليم جعفر جڏهن ته اسماويا اقبال، مرينا اقبال ۽ محتشم رشيد ميمبر هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.