نجي يونيورسٽين سميت سڀني پرائيويٽ ادارن لاءِ لفظ ”نيشنل“ استعمال ڪرڻ تي پابندي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نجي يونيورسٽين سميت سڀني نجي ادارن لاءِ لفظ ”نيشنل“ استعمال ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي.
ذريعن موجب سڀني نجي ادارن جي نالي ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ نيشنل ختم ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جي هدايت تي سڀني وزارتن ۽ ادارن کي گائيڊ لائنز جاري ڪيون ويون آهن.
وفاقي ڪابينا ذريعن موجب لاڳاپيل وزارتون ۽ ادارا نجي شعبي جي ڪمپنين ۽ ادارن لاءِ لفظ نيشنل جو استعمال فوري طور روڪرائين، نجي يونيورسٽين ۽ ڪمپنين ۾ اهڙو ڪو لفظ استعمال نه ڪيو وڃي، جنهن سان سرڪاري اداري جو تاثر ملي.
ڪابينا ڊويزن سڀني وزارتن ۽ ادارن کان عملدرآمد رپورٽ به طلب ڪري ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.