اقتدار ۾ مان ئي ايندس، اسان کي چونڊ مهم جي به ضرورت ناهي: عمران خان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان دعويٰ ڪئي آهي هو پاور ۾ تي ايندو ئي ۽ کيس اليڪشن مهم هلائڻ جي به ضرورت ناهي.

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان زمان پارڪ لاهور ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر ملاقات ڪئي جنهن دوران پي ٽي آءِ چيئرمين انگلش ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جي دوري لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو .

ان موقعي تي عمران خان چيو ته کيس ڊپ آهي ته حڪمران مُلڪ کي ايڏانهن وٺي ويندا جتان سڀ ڪجهه هٿن مان نڪري ويندو.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ڪو به جينيئس اچي، سياسي استحڪام کانسواءِ ملڪي معيشٽ ٺيڪ نٿي ٿي سگهي، سيڙپڪار جو اعتماد رڳو اليڪشن ڪرائڻ بحال ٿيندو.

عمران خان دعويٰ ڪئي ته کيس پاور ۾ اچڻو ئي آهي ۽ اليڪشن مهم هلائڻ جي به ضرورت ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.