پوليس اهلڪار جي قتل ۾ ملوث جوابدار پرڏيهه فرار ڪيئن ٿيو؟ تفصيل سامهون اچي ويا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پوليس اهلڪار عبدالرحمان جي قتل ۾ ملوث جوابدار جي پرڏيهه فرار ٿيڻ جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن.

جاچ ڪندڙ ٽيم موجب پوليس ايف آءِ اي اميگريشن کي جوابدار جا تفصيل فراهم ڪري ڇڏيا، جنهن موجب جوابدار خرم نثار ايئرپورٽ تان بورڊنگ چار لڳي يارنهن منٽن تي ڪرائي هئي، جوابدار ترڪش ايئرلائين جي جنهن اُڏام ذريعي فرار ٿيو اها هڪ ڪلاڪ دير جو شڪار هئي ۽ جوابدار ان دوران هوائي اڏي تي ئي موجود هو.

جاچ ٽيم موجب اختيارين سموري ڄاڻ ملڻ باوجود ڪارروائي نه ڪئي، هاڻ جوابدار خرم جي پاڪستان ڄائي پرڏيهي شهري ۽ سندس ويجهي مائٽ کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

اختيارين موجب شهيد پوليس اهلڪار جو خيابان بادبان تي ڊيوٽي جو پهريون ڏينهن هو، اهلڪار کي خيابان بادبان کان اڳ خيابان تنظيم تي مقرر ڪيو ويو هو.

جاچ ٽيم جو چوڻ آهي ته پوليس کي هٿ آيل فون ۽ سي سي ٽي وي فوٽيج ذريعي جاچ جاري آهي، پوليس کي واردات دوران واقعي واري هنڌ تان گذرندڙ اکين ڏٺن شاهدن جي ڳولا آهي.

جاچ اختيارين موجب جاچ ايس ايس پي ڏکڻ جي سربراهي ۾ چار رڪني اسپيشل ٽيم ڪري رهي آهي، اسپيشل ٽيم هڪ هفتي اندر رپورٽ اعليٰ اختيارين حوالي ڪندي.

ڊي آءِ جي سائوٿ عرفان بلوچ چيو ته اهلڪار جي قتل ۾ ملوث فرار جوابدار کي واپس آندو ويندو ۽ جوابدار جي گرفتاري ۽ واپسي لاءِ انٽرپول سان رابطو ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.