حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ آرمي چيف لاءِ جنرل عاصم  منير تي اتفاق!

لاهور ( ويب ڊيسڪ)  اتحادي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ  ۾ جنرل عاصم منير کي آرمي چيف مقرر ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي. سموريون قانوني ۽ سياسي رڪاوٽون ختم ڪيون ويون آهن.

ان اهم مقرريءَ  تي گذريل ڪجهه مهينن کان افواهن ۽ اڳڪٿين جو طوفان هلندو رهيو . اهم ملاقاتن ۽ پيغامن جي ڏي وٺ به ٿيندي رهي، آخر ڪار گذريل رات دير سان معاملا طئه ٿي ويا آهن.

اهڙي خبر ميڊيا تي اچڻ کانپوءِ  پي ٽي آءِ  جي حلقن ۾ پريشانيءَ  جي لهر  پکڙجي وئي آهي.

نامياري صحافي جو چوڻ آهي ته نئين آرمي چيف جو نالو ان ڪري وٺي رهيو آهي جو انتهائي اهم ذريعن خاطري سان اطلاع ڏنو آهي ته سڀاڻي باضابطا  نالي جو اعلان به ٿي ويندو.

نوٽ: گوهربٽ جوهي تبصرو روزاني عوامي آواز اربع 22-11-23 تي شايع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.