وڏو ٻرندڙ سوال ۽ سياسي هلچل 

رياض ابڙو 

نئين آرمي چيف واري سوال ته عمران خان جي ٻاڪار کي به جهڪو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ويچاري کان هاڻي ته آمريڪي ڪنسپائريسي به وسري وئي آهي، ان ڳالھه  تان هٿ کڻي ويو ته رجيم به ڪا چينج ٿي هئي، اها به جمهوريت جي سونهن هئي، هاڻي عمران خان ته ان ڳالھه  تي به راضي آهي ته جيڪو وڻيوَ سو ڪيو ۽ جنهن کي آرمي چيف آڻيو توهان جي مرضي ڇو ته هاڻي هي ڪنهن کي به ان ڳالھه  جي لاءِ زور نه ڀريندو ته ڪير آرمي چيف ٿئي، ڪير نه ٿئي، ان ڪري ته آرمي ايڪٽ ۾ ڦير گهير واري بحث ته ڪيترن جا ڪنڌ ئي ڦيري ڇڏيا آهن، اهي هاڻي ڳٽن کي هٿ هڻي سوچن ٿا ته توهان جي مرضي جيئن وڻيوَ تيئن ڪيو، ان ڪري لنڊن جي ڊرائنگ روم وارا بحث به حرف آخري نه ٿي سگهيا، ڪو کڙ تيل نه ڪڍي سگهيا، ان ڪري جو آرمي ايڪٽ ۾ تبديلي متان اشد ضروري ٿي پئي، ان ڪري هاڻي عمران خان جي فرمائش ۾ وري اهو نقطو به شامل آهي ته جيئن چيف جسٽس پنهنجي صوابديد تحت پاڻ فيصلو ڪري پاڻ پنهنجو چيف جسٽس چونڊي سگهن ٿا ۽ بعد ۾ اها سمري وري وزيراعظم ۽ صدر ڏي (فار يوئر انفارميشن) ڪري موڪلي سگهن ٿا، تيئن ئي آرمي چيف به ڪن، ان ڪري انهن جي اهڙين ڳالهين ۾ ملڪي سياست ڪنهن به طرح نبرآزمود نه ٿئي ۽ اها صوابديد به آرميءَ چيف جي پنهنجي هجي ته اهي پنهنجا چيف پاڻ چونڊي، انهن جي پنهنجي قائما ڪميٽي به هجي.

پر هتي ان سڄي تناظر ۾ ڳالھه  ته فوج جي اسٽبلشمينٽ جي آهي، ڳالھه  ته ان لڪيل اسٽبلشمينٽ وارن هٿن جي آهي، پوءِ ان اهڙي صوابديد، ڳالھه  مان ڪهڙو فائدو، ڪهڙو نقصان جو سياست ئي آجي ٿي وڃي، فوجي اسٽبلشمينٽ رڳو پنهنجي ايڪسٽينشن ۽ ريٽيشن، استعفي واري فلسفي، سائنس مان اڙجي وڃن، پوءِ سياست ۾ ممڪنا مداخلت جا سوال اٿندا، پر اهي سٽَ ڪيئن سلجهندا، الجهندا، ڇو ته ڳالھه  رڳو فوج جي اسٽبلشمينٽ جي مداخلت واري آهي، جيڪا ڳالھه  هيئن به آهي ته جي چيف جسٽس کي ڪنهن به طرح ايڪسٽينشن جو ٽينشن ناهي ته ائين ئي آرمي چيف، آرمي مين کي به ڪنهن ايڪسٽينشن جو ٽينشن نه هجڻ گهرجي ان ڪري هردفعي ايڪسٽيشن جي لاءِ، رٽاير ٿيڻ کانپوءِ به هو پاڻ کي رٽاير نه ٿا سمجهن، ٻاهرين قوتن سان ڳالهين ڪرڻ ۾ اڳ کان اڳرا هجن ٿا (ملڪي محافظ وارو بحث ۽ حقيقت هڪ ٻي فلاسافي آهي) ان ڪري اها ڳالھه  وري سياسي ۽ فوجي اسٽبلشمينٽ وٽ پولارائيزيشن جو سبب بڻبي ته اهي پاڻ هڪٻئي کي ان طريقي ايڪسٽينشن ڏيندا رهن، نه ڏين، رياست اندر هڪ ٻي رياست جوڙن، پر ان ڳالھه  جي برعڪس اها ڳالھه  هيئن به ٿي سگهي ٿي ته چيف جيسٽس به وزيراعظم جي صوابديد ۾ هجن ۽ انهن جي چونڊ ۾ وزيراعظم مداخلت ڪري (مشرف جي دور ۾ ٿي هئي جنهن جا نتيجا وڏا اگرا هيا جنهن ۾ 12 مئي 2007 وارو واقعو به سرزد ٿيو هيو) ان ڪري جيڪڏهن ملڪ جي آفيشل چيف ايگزيٽڪٽو وزيراعظم ئي آهي ته پوءِ اهو ان ڳالھه  جو باعث به هجي ته سڀ ڳالهيون ان جي صوابديد ۾ هجن ۽ اهو هر ڳالھه  جو مالڪ ڪُل هجي پوءِ اهي چيف جسٽس هجن، آرمي چيف، آرمي مين هجن، ڇو ته هاڻوڪي سياسي اڻبڻت ۾ ملڪ اندر رڳو هڻ کڻ لڳي پئي ان ڪري شيون ڊي سينٽرلائيزيشن واريون نه هجن شيون سينٽرلائيزڊ هجن ان ڪري مرڪزيت رڳو اها به ناهي ته صوبن جا حق کائو، ننڍن صوبن سان ناانصافيون ڪيو، اين ايف سي ايوارڊ ڦٻايو، ننڍن صوبن جون بجيٽون هڙپيو، سنڌوءَ جي پاڻي تي راتاها هڻو ۽ پنجاب نوازيو مهم بازي هلايو، پنجاب سينٽرڪ شيون ڪيو، ان ڪري جو مرڪز جيئن چاهي تيئن ڪري سگهي ٿو ته پوءِ هتي به مرڪز پنهنجي طاقت ڏيکاري (جڏهن ته اها ڳالھه  سڄي دنيا ۾ آهي ته ملڪ جو ايوان، آرمي ۽ ڪورٽون ملڪ جي وزيراعظم جي هٿ هيٺ آهن).

يا عمران خان جي دور ۾ 33بل رات پيٽ ۾ پاس ڪرائڻ به فوجي اسٽبلشمينٽ جي هشي هئي ٻي صورت ۾ اها ڳالھه  ممڪن ئي نه هئي ۽ ان ڳالھه  تي پي ڊي ايم وارن وڏو روڄ راڙو ڪيو هيو ته اها ڳالھه  ائين ڇو ٿي، پي ڊي ايم سان مشاورت ڇو نه ڪئي وئي، ان ڪري ته مخالفن کي سدائين عين جو اکيون هونديون آهن (جيئن هاڻي عمران خان کي آهن) انهن کي لڳندو آهي ته ملڪ ۾ انڌير نگري ۽ چرٻٽ راجا واري ڳالھه  لڳي پئي آهي، ان ڪري وارو ڪيو رڳو هن حڪومت کي ڪيرايو ته ٻيو پهر پوءِ ٿئي ۽ هاڻي هنن کي (شهبازسرڪار) کي اها ڳالھه  نظر نه اچي، پي ٽي آءِ به مفاهمتن ۾ چپ لڳي پئي آهي، پر هاڻوڪي تناظر ۽ پيش منظرن ۾ قياس آرايون وڌي ويون آهن ۽ ايوانن کان گھڻي سياست ته ڊرائنگ رومن ۾ ڪئي ٿي وڃي، سوشل ميڊيا تي ڌم لڳي پئي آهي، ولاگن ۽ بلاگن تي ڌوڙيا لڳا پيا آهن ٽيلي ميڊيا ۽ ريڊيو پروگرام به اڳڪٿين ۾ لڳي ويا آهن.

اخبارن جي سرخين جي زينت به اها آهي ته هاڻي هي آرمي چيف ٿيندو يا هو؟ جڏهن ته آڊيو ليڪ کانپوءِ وري اندروني خبرن جي هائيپ ٿيڻ واري ڳالھه  به سامهون ٿي اچي ته اندر جون خبرون ٻاهر گردش ڪنديون ٿيون وتن، مريم نواز جو اهو چوڻ به معني خيز هيو ته وزيراعظم هائوس اندر ٿيل بي عزتي جو بدلو وٺنداسين،، بلاول ڀٽو واري ڳالھه  ته صدر مداخلت نه ڪري، ان ڪري ته شيون هاڻي راز ناهن رهيون وڊيو ليڪس کان آڊيو ليڪس ۽ هاڻي اندر جون خبرون به ليڪ ٿي ٿيون وڃن، ان ڪري ته آرمي اسٽبلشمنيٽ ان ڳالھه  تي بضد آهي ته انهن جي آرمي ايڪٽ ”پي اي اي“ 1952 ۾ ترميم ڪئي وڃي جنهن ۾ لفظ ريٽينشن، ايڪسٽينشن ۽ استعفيٰ وري ڊاهي ٻيهر لکيا وڃن، جنهن مان مراد اها به آهي ته هاڻي آرمي مين جي پنهنجي صوابديد هوندي ته اهي پاڻ جڏهن عهدو ڇڏي وڃڻ چاهن، والينٽيئرلي ان عهدي تان لهي وڃن ته ڀلي وڃن، ان ۾ سولين مداخلت ڪنهن به صورت نه هوندي، ان ڳالھه  سان فوجي اسٽبلشمينٽ جو ڪو سروڪار ناهي ته وزيراعظم اچي، وڃي، صدر لهي، لاٿو وڃي، ڇو ته جنرل شجاع پاشا کي، اهڙن ٻين کي به عهدي جي توسيع ڏني وئي هئي،

هڪ ٻي ڳالھه  به آهي ته نومبر 2019 ۾ سپريم ڪورٽ هڪ اهڙو ئي فيصلو صادر ڪيو هيو ته جيڪو به شخص (پوءِ سولين هجي يا آرمي مين) جيڪڏهن اهو پنهنجي مدي جا 60 سال پورا ڪندو ته پوءِ اهو ٻيهر پنهنجي عهدي تي واپس بحال نه ٿيندو ان ڪري ته ٻيهر ڊيوٽي ڪرڻ مان مراد اها به آهي ته ٻين جي حق تلفي ڪرڻ، جيڪي ملازم سالن کان ويٺي لائين ۾انتظار ٿا ڪن پوءِ انهن جو ڇا ٿيندو؟ جي اها ڳالھه  آهي ته جيڪي به سولين آهن، جيڪي 59 سال ۽ 364 ڏينهن فٽ هوندا آهن پر جڏهن 60 سال پورا ڪرڻ ۾ هڪ ڏينهن به باقي هوندو اٿن ته اهي ناڪارا ۽ نااهل ٿي ويندا آهن،، هاڻي جيڪڏهن اها صوابديد هر ادارو پاڻ وٽ پنهنجي طريقي سان رکڻ چاهي ته پوءِ مرڪزيت، سينٽرلائيزيشن مان مراد ڇاهي، مرڪزيت وڃي ڌوڙ پائي، قانون سڀني جي لاءِ ٻيو ٻيو آهي.

شهبازسرڪار ۽ لنڊن سرڪار (نوازشريف) ان ڳالھه  تي راضي آهن، سڄي نون ليگ قيادت هڪ پيج تي آهي ته جنرل عاصم منير کي ايڪسٽينشن ڏئي ان جي نوڪري ۾ واڌارو ڪري ان کي نئون چيف مقرر ڪجي پر ساڳي ڳالھه ، فرمائش ته جنرل باجوا به ڪري ٿو ته جيستائين هي سرڪار آهي تيستائين هن کي ايڪسٽينشن ڏئي هن جي مدي ۾ واڌ ڪري هن کي هلايو ته اها ڳالھه  شهبازسرڪار جي نڙي جو ڪنڊو ٿي بيٺي آهي، ان ڳالھه  ته به فوجي اسٽبلشمينٽ پولرائيز ٿي وئي آهي ته هاڻي جنرل عاصم منير اچي، جاويد باجوا کي ساڳي عهدي تي وري ايستائين برداشت ڪجي جيستائين هي سرڪار آهي هاڻي اها ڳالھه  شهبازسرڪار کي ڳوري ٿي لڳي، عمران خان به ”دشمن جي دانگي ڀڄي ته به ڀلو“ واري فارمولي تي نبرآزمود آهي تي هي پاڻ ۾ ڀلي ان ساڳي ڳالهه تي اٽڪي بيهن ۽ پِيرُ هن جي پڄائي“ جو هي هاڻي باجوا کي ڪنٽينيو ڪندا، جنرل عاصم کي ايسڪٽينشن ڏيندا، ان ڪري هاڻي ويچارو عمران خان ته ان ڳالھه  تان هٿ کڻي ويو آهي ته هن کي گولي لڳي، ڇرڪ ۾ ڪري پيو، هن جي رجيم چينج ٿي، اهو به جمهوري عمل هيو جنهن ۾ هن جا وزير پاڻ بنفسِ نفيس شامل ٿيا، اتحادي به ان ڳالھه  ۾ راضي هيا ته هن الهڙ عمران خان کي هٽايو، جنهن کي نه سياست سمجھه ۾ آئي نه رياست، ان ڪري هن کي گهر چلتو ڪيو ۽ هن مان جان ڇڏايو پر هاڻي ڌٻڻ ۾ ته شهبازسرڪار ڦاٿي آهي ان ڪري جو جڏهن ڏيڻو ئي ايڪسٽينشن آهي ته پوءِ ڪنهن ٻئي کي ڇو باجوا کي ڇو نه؟، آرمي ايڪٽ ۾ ئي ترميم ڪيو، جي نه ٿا ڪري سگهو ته چيف جسٽس کان به صوابديد کسيو، هاڻي تماشو ڏسون ڪٿي ٿو دنگ ڪري، اٺُ ڪهڙي پاسي ٿو ويهي ان ڪري سياست جو ڀونچال وڃي ٿو وڌندو، ڪا ٺاپر نه ٿي ٿئي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.