ايران ۾ احتجاج جاري، اسڪارف نه پائڻ تي 2 اداڪارائون گرفتار

والاريل بيت المقدس /نيويارڪ (م ڊ )ايران ۾ حڪومت مخالف مظاهرن جو سلسلو جاري آهي، ٻئي پاسي اسڪارف نه پائڻ تي ايران جي ٻن اداڪارائن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، هينگامه قاضياني ۽ ڪتايون رياحي نالي اداڪارائن کي مظاهرن ۾ شريڪ ٿيڻ، سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا ۽ اسڪارف لاهڻ جي الزامن ۾ جاچ لاءِ طلب ڪري حراست ۾ ورتو ويو آهي،  اسرائيل جي ملٽري انٽيلي جنس جي اڳواڻ ميجر جنرل هارن حاليفا چيو آهي ته ايران جي تحريڪ انقلاب ۾ تبديل ٿيڻ جي ويجهو آهي . هوڏانهن گڏيل قومن ايران پاران جاري مظاهرن خلاف ڪريڪ ڊائون جي مذمت ڪئي آهي،هيومن رائٽس چيف ولوڪر ٽرڪ چيو ته ايران ۾ جاري مظاهرن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو مارجي ويا جن ۾ ٻار به شامل آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.