ڪراچي ۾ گوليون ۽ ڪهاڙيون هڻي 2 ڄڻا قتل

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي  بلديا يار محمد ڳوٺ ۾ فارم مان ٻن ڄڻن جا تشدد ٿيل ۽ گوليون لڳل لاش هٿ آيا، پوليس واقعيجي جاچ شروع ڪري ڇڏي.پوليس موجب ڳوڻان جي اطلاع تي فورس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ ٻنهي مقتولن جا لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا.پوليس موجب مقتولن جي سڃاڻپ لال بخش پٽ احمد بخش جتوئي ۽ هوشيار علي  پٽ لطف علي ابڙو طور ٿي، لال بخش کي گوليون ۽  هوشيار علي کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪيو ويو.پوليس ٻڌايو آهي ته واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو، شاهديون گڏ ڪيون ويون، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.