سپريم ڪورٽ ۾ هڪ به سنڌي جج ناهي، رڳو هڪ جج فيصلا پيو ڪري:قانوني ماهر

ڪراچي(رپورٽ:مهدي بلوچ) انٽيلڪچوئل فورم پاران ججن کي ميرٽ تي مقرري ۽ جوڊيشل ڪميشن جي رول بابت سيمينار منعقد ڪيو ويو، سيمينار ۾ مسعود نوراني، پروفيسر اعجاز قريشي، حميده گھانگھرو عابده گهانگهرو، رشيد ميمڻ ايڊووڪيٽ سردار محمد آزاد، وڪيل اڳواڻ اي بي لاشاري، وهاب بلوچ بئريسٽر صلاح الدین، عابدہ گهانگهرو، پروفيسر مشتاق ميراڻي، شير محمد کهاوڙ سميت ٻين ڪيترن ئي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پروفيسر اعجاز قريشي جو چوڻ هو ته  ڪوٽا موجب سپريم ڪورٽ ۾ جيڪي سنڌي جج رکڻ گهرجن ان موجب هڪ سنڌي جج به ناهي، اها هڪ زيادتي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ مان جيڪي جج سپريم ڪورٽ ويا آهن انهن جي سينارٽي به ناهي مڃي وئي، انٽيڪچوئل فورم ان مسئلي کي اجاگر ڪري پئي، سنڌ حڪومت کي گهرجي ته سنڌ جي ججن جو مسئلو کڻي. ايڊووڪيٽ جنرل سردار محمد آزاد چيو ته اسان کي اهو ڏسڻو پوندو ته پاڪستان ۾ 20 لک ڪيس التوا ۾ آهن ته اهو هڪ وڏو مسئلو آهي جنهن تي سوچڻ جي ضرورت آهي، جڏهن اسان پاڪستان جي ڳالھ ڪندا آهيون ته اسين سڀ پاڪستاني آهيون هر قابل ماڻهو کي اڳتي آندو وڃي. عابده گهانگهرو چيو ته رڳو ججن جو مسئلو نه پر سڄي سنڌ جو مسئلو آهي، سنڌ جي هر ريسورسز ۽ روينيو ۾ وفاق وٺي ٿو، هر ڌاريو سنڌ موڪليو وڃي ٿو، جڏهن ته پاڻي جي معاملي تي به سنڌ کوٽ جو شڪار ٿي پئي، پر هاڻي ڳالھ ججن تائين به اچي وئي آهي جتي ججن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، اڳتي خبر ناهي ڳالھ ڪٿي وڃي پهچي سگهي ٿي. صحافي شير محمد کهاوڙ چيو ته پاڪستان جي عدالت ۾ اهڙا به جج آهن جن کي جج چوڻ ۾ به شرم پيو اچي، اسان کي اکيون ناهي ٻوٽڻيون، رڳو سنڌي نه پر اهل سنڌي جي ڳالھ ٿيڻ گهرجي، سنڌ ۾ چيف جسٽس، آء جي سنڌ، سي ايم سنڌ توڙي چيف سيڪريٽري به سنڌي آهن ته پوءِ هنن سنڌ کي ڇا ڏنو ۽ سنڌ لاءِ ڇا ڪيو آهي، ته پهريان اهليت هئڻ گهرجي. عوامي آواز جي ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر حميده گهانگهرو چيو ته سنڌي هجي يا ٻيو ڪوئي هجي، جنهن جج وٽ انصاف ناهي ان عدالت جي اهميت ناهي، جيڪڏهن اسان کي هڪ فرد کان افراد تائين پهچڻ لاءِ پنهنجي گريبان ۾ ڏسڻو پوندو. مان سنڌي آهيان پر هن معاشري ۾ هر ڪنهن لاءِ انصاف جي گهر ڪيان ٿي. بئريسٽر صلاح الدين چيو ته سڀني تڪراري معاملن تي بحث سپريم ڪورٽ ۾ ٿيندو آھي، اسان جي جوڊيشري سياست سان اندروني طور ملوث ناھي، ڪو به جج سياسي گڏجاڻين ۾ شرڪت ناھي ڪندو، سو موٽو  سپريم ڪورٽ جو ناھي اھو صرف ھاڻي رڳو چيف جسٽس جو رھيو آهي اھو جڏھن چاھي سو موٽو وٺي، باٿ آءِ لينڊ ۾ ججن جي رھائشي ڪالوني ۾ پاڻي نه آيو، ٽينڪر نه آيو ان تي رجسٽرار نوٽيس وٺي آفيسر کي ھٽائي ڇڏيو، اهڙن قسمن جا اختيار استعمال ڪرڻ لاء غير قانوني رول بڻائڻ سان معاملا خراب ٿين ٿا، اسان سپريم ڪورٽ کي اختيار ڏيندا آھيون ته ان جو اھو مقصد ناھي ته صرف ھڪڙو جج ويٺو فيصله ڪري، اختر حسين جوڊيشل ڪميشن ۾ آواز اٿاريو، پر ان تي ڪو ڌيان نه ڏنو ويو، هن وڌيڪ چيو ته چيف جسٽس جن ججن کي اڳيان نٿو اچڻ چاھي، 25 نمبر جي جج کي اڳيان آڻڻ سان جوڊيشري جي ساک خراب ٿيندي سينارٽي تي پھريون جھيڙو جسٽس عبدالراشد جي مقرري تان ٿيو. انٽيليڪچوئل فورم جي اڳواڻ مسعود نوراني خطاب ڪندي چيو ته قانون موجب سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ چئني صوبن جا جج  مقرر ڪرڻا آھن. سنڌ انتھائي نازڪ دور مان گذري رھي آھي.انصاف ھجي عدالت ۾ ۽ استحصال نه ھجي. پاڪستان واحد ملڪ آهي جتي، جج جج کي مقرر پيو ڪري، جج جج کي گهر ڀيڙو ٿو ڪري ۽ جج جج جا فيصلا پيو ڪري، پاڪستان هڪ فيڊرل اسٽيٽ آهي ۽ فيڊرل اسٽيٽ ۾ هڪ جج ٻئي جج جو فيصلو نه ٿو ڪري سگهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.