برسات سڄو شهر ٻوڙيو، فنڊ وڏيرن جي ماڻهن کي ڇو؟: ايس يو پي اڳواڻ

شھدادڪوٽ (ت ر) شھدادڪوٽ ۾ مختيار ڪار خلاف ايس يو پي جي ڪارڪنن ۽ ٻوڏ متاثرن ڇھين ڏينھن به احتجاجي مظاھرو ڪري  ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو ھـنيو، ان موقعي تي حاڪم مستوئي، الھداد خشڪ، بچل باغي، سڪندر خشڪ، ڪائونسلر ڪرم مگسي ۽ ٻين چيو ته برساتي ٻوڏ سڄي سنڌ کي ٻوڙيو آهي، ته شهدادڪوٽ جا به سڀ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، رڳو وڏيرن جا ماڻهو سياسي آشيرواد وارن جو نقصان نه ٿيو آهي، مختيار ڪار سھراب شيخ مقرري واري ڏينهن کان اڄ تائين امدادي سامان رڳو سفارش عيوض من پسند ماڻهن کي ڏنو آھي، جنهن ڪري حقيقي متاثر بک بدحالي کي منهن ڏيئي رھيا آهن. ھنن چيو ته اسان ٻوڏ متاثر پيپلز پارٽي جي ھن جھموري حڪومت ۾ ڇھن ڏينهن کان مسلسل احتجاج ڪري رھيا آھيون پر چونڊيل نمائيندا توڙي ضلعي جو ڊي سي نوٽيس ڪونه ٿو وٺي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ذميوارن کان پڇاڻو ڪري مسڪين ماڻهن جي سهائتا ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ جمعي واري ڏينهن مختيارڪار آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھڻنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.