آزادي مارچ: برطانوي هاءِ ڪمشنر سان ملاقات ۾ عمران خان کيس وڏي خاطري ڪرائي ڇڏي!

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر ۽ پي سي بي چيئرمين رميز راجا تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سان ملاقات ڪري سندس عيادت ڪئي.

زمان پارڪ لاهور ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، عمران خان کي ٻڌايو ويو ته انگلش ٽيم 17 ورهين کانپوءِ 27 نومبر تي اسلام آباد پهچندي ۽ راولپنڊي ۾ پهرين ٽيسٽ پهرين ڊسمبر کان شيڊيول آهي.

تحريڪ انصاف چيئرمين پنهنجي لانگ مارچ ۽ 26 نومبر جي احتجاج سبب راولپنڊي ٽيسٽ متاثر نه ٿيڻ جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته توهان پنهنجون تياريون جاري رکو، اسان جي تحريڪ سان پنڊي ٽيسٽ کي ڪو نقصان نه ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.