فاسٽ بالر نسيم شاهه شوبز جي دنيا ۾ قدم رکي ڇڏيو؟

پاڪستان جي اڳوڻي فاسٽ وقار يونس جي هڪ ٽوئيٽ سوشل ميڊيا تي اهو بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي ته نسيم شاهه راند سان گڏ اداڪاري به شروع ڪري رهيو آهي يا ڪو ٻيو معاملو آهي.

اڱاري ڏينهن وقار يونس هڪ ٽوئيٽ ۾ پنهنجي ۽ موجودا پاڪستاني ٽيم جي فاسٽ بالر جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته سڀ ڌيان ڏين ڪجهه وڏو اچي رهيو آهي، نسيم شاهه رڳو سٺو ڪرڪيٽر ئي نه پر تمام سٺو اداڪار پڻ آهي.

وقار يونس پنهنجي ٽوئيٽ سان گڏ وڌيڪ تفصيل ته ناهي ڏنو پر ان ٽوئيٽ کي ڏسڻ ۽ پڙهڻ وارن مختلف تبصرن ذريعي صورتحال کي سمجهڻ ۽ واضح ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي آهي.

بسمه تصوير تي تبصرو ڪندي لکيو ته اهو هڪ ٽيليويزن اشتهار آهي، پر مهرباني ڪري اسان جي ڇوڪري کي شوبز کان پري رکو.

بلاول محمود نالي واهپيدار پڻ اهڙي ئي قسم جي خيالن جو اظهار ڪندي موقف اختيار ڪيو ته خدا جي واسطي ڊرامو ۽ اداڪاري ڇڏيو، ڇوڪري ڇڏيو ته راند تي ڌيان ڏئي.

فائق علي هڪ ايموجي ذريعي صورتحال تي مايوسي جو اظهار ڪيو ۽ لکيو ته مهرباني ڪري کيس ڪپڙن ڌوئڻ واري پائوڊر جي اشتهار ۾ شامل نه ڪجو.

وقار يونس جي شيئر ڪيل تصوير تي تبصرو ڪندڙن جي اڪثريت نسيم شاهه جي اداڪاري واري آئيڊيا خلاف رهي ڪجهه واهپيدار اهڙا به هئا جن کيس ان شعبي ۾ به بالنگ جيان ڪامياب ڏسڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.