سنڌ مٿان ڌارين جو قبضو آھي، قوم تي جبر ٿيندو ته اها ردعمل ڏيندي: ساڃاهه وند

ڪورنگي ( رپورٽ: امير جان چانڊيو)ڪراچي ۾ ڪورنگي جي سنڌي وسندي چڪرا ڳوٺ ۾ سنڌي ادبي سنگت ابراهيم حيدري شاخ طرفان ڳوٺ ۾ وڇڙي ويل سنڌ جي ناليوارن شاعرن ماما جمن دربدر ۽ باري منگي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ  تعزيتي ريفرنس ڪوٺايو ويو ، ان موقعي تي مقررن ڀيٽا هن ريت پيش  ڪئي اعجاز منگي چيو ته باري منگي هڪ وطن دوست انقلابي هڪ طرقي پسند سوچ رکندڙ هو هن چيو ته جمن دربدر ائين آريسر جي ٽاري تي هڪ  گل هو عظيم شاعري اها آهي جيڪا ٻار کي به متاثر ڪري ۽ عالم کي به متاثر ڪري هن وڌيڪ چيو ته مان هڪ ڀيري سائين جي ايم سيد کان هڪ انٽريو ۾  پڇو ته سائين سنڌ ڪهڙا وڏا دماغ پيدا ڪيا آهن هن چيو ته مون کان اهيو مون کان نه پڇ مون کان اهو پڇ سنڌ ڪيڏيون وڏيون دليون پيدا ڪيون آهن هن ڌرتي کي دليون بدلائينديون آهن. شاعر ماڻھن جي احساسن ۽ امنگن جو ترجمان هوندو آھي. مزاحمتي شاعري ڪمزور انسان کي به طاقت ڏئي ٿي, بهترين شاعر پنهنجين قومن کي غلامي جي ڌٻڻ مان شاعري ذريعي ڪڍڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو آھي, ان ڪري اهڙن مزاحمتي شاعرن ۽ ديبن کي وڏي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوندو رهيو آھي. مزاحمتي شاعري قومن جي جياپي ۽ وقار جو دڳ ڏسيندي آھي. جمن دربدر جي شاعري ۾ پڻ مزاحمت جي گهڻي جهلڪ نظر اچي ٿي. جنهن به قوم مٿان جبر ٿيندو آھي ته اها قوم پنهنجو رد عمل ضرور ڏيندي آھي دنيا جا وڏا ۾ وڏا انقلاب به ايئن ئي آيا.  مظفر ميمڻ چيو ته هي سنڌ جا 2 ڪردار هيا جن پنهنجي زندگي سنڌ کي ارپي ڇڏي .اظهر ٻانڀڻ چيو ته باري منگي هڪ ساڃاھ وند هو ۽ هن جو اهڙو ذهن هو جو هن وٽ علم جو ڀانڊار هو.  جمن دربدر ۽ باري وٽ ٻولي ۽ ڌرتي جي اهميت هئي. امين جويو  چيو ته جمن دربدر ۽ باري منگي کي ياد ڪرڻ تي سنگت جس لهڻي. سارنگ جويو چيو ته هي ٻنهي شخصيتن فڪر سائين جي ايم سيد جي ستي پيتي. باري منگي سنڌ جو عاشق هو جمن دربدر زنده دل انسان هو هو اهو فرد هيو جيڪو سائين جي ايم سيد جو عاشق هو باري منگي جي فرزند حارث منگي چيو ته مان ادب ۾ دلچسپي رکان ٿو، ان ۾ منهنجي رهنمائي ڪيو. هن چيو ته منهنجي والد کي ياد ڪرڻ تي دوستن جو ٿورائتو آهيان، مان ڪوشش ڪندس ته پنهنجي والد وارو ڪردار ادا ڪيان. مرتضيٰ  لغاري چيو ته  سنڌي ٻولي سنڌي ادب ۾ هن ٻنهي هيرن جو ڪم رهيو  لجپت راءِ چيو ته  چيو ته ماما جمن دربدر جي وفات کان پوءِ به  تنقيد جا تير هلايا  ويا پر سندس ڏات اوچي آهي.  عبدالواحد سومرو چيو ته جمن دربدر ۽ باري منگي سنڌ  ڌرتي جا 2 انمول هيرا موتي داڻا اسان جا ادبي  هيرا هيا.  تقريب ۾  ماجد سمون. مصطفي کهاوڙ. جسم اڳواڻ شوڪت سومرو، اياز ڪلهوڙو، سارنگ زين چانڊيو. نظام ڀٽو. وارث ڪانڌڙو، لالا قمر، اميد علي مولائي، ڀائي خان مڱڻيجو  ۽ ٻين شرڪت ڪئي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.