ٽنڊو الهيار ۾ وين جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت

ٽنڊوالهيار ( ڊ ر ) ٽنڊوالهيار ويجهو نصرپور روڊ تي وين جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر نتيجي ۾ مٽياري ضلعي جي ڳوٺ بهرام خاصخيلي جو رهواسي 37 سالا نوجوان تاج محمد خاصخيلي موقعي تي فوت ٿي ويو اطلاع تي اي سيڪشن پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي سول اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو جڏهن ته واقعي  بعد اي سيڪشن پوليس وين ۽ ڊرائيور کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.