پي ٽي آءِ تعلقي مٽياري جو صدر 200 ساٿين سوڌو ن ليگ ۾شامل

ڀٽ شاھ (رپورٽ ارشاد علي ٻگھيو) ڀٽ شاھ ڀرسان تحريڪ انصاف جو اڳواڻ 200 ساٿين سميت نواز ليگ ۾ شامل ٿي ويو. ڳوٺ اگهم وساڻ ۾ نواز ليگ اڳواڻ سيد شاھ زمان شاه جي مان ۾ ڏنل آجياڻي جي موقعي تي تحريڪ انصاف تعلقي مٽياري جو صدر محمد اسماعيل سومرو پنهنجي 200 ساٿين سميت پي ٽي آئي کي الوداع چئي نواز ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، نواز لیگ ۾ شموليت اختيار ڪندڙ محمد اسماعيل سومرو جو چوڻ هو ته جھموريت کي بچائڻ لاء نوازشريف شھباز شريف سيد شاه محمد شاه ۽ شاه زمان شاه جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪندي مسلم ليگ ن ۾ شموليت جو فيصلو ڪيو آهي پارٽي کي مٽياري ضلعي اندر منظم ڪنداسون آجياڻي کي خطاب ڪندي مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ سيد شاه زمان شاه چيو ته فقير محمد اسماعيل سومرو سان پراڻا تعلقات آھن کيس مسلم ليگ ن ۾ شموليت تي ڀلي ڪار ڪيون ٿا هن چيو ته مسلم ليگ ن سدائين ملڪ جي ترقي خوشحالي ۽ امن لاء ڪم ڪيو آھي موٽروي سميت سي پيڪ منصوبو، توانائي بحران تي قابو پائڻ، دھشتگردن ڌاڙيلن تي ڪنٽرول ڪري امن امان بحال ڪرڻ جھڙا منصوبا شامل آهن ان ڪري موجوده بحران مان ملڪ کي ڪڍڻ لاء ڪوششون جاري آهن مٽياري ضلعي اندر ڪرپشن بيڊ گورننس  ٻوڏ ۽ فلڊ لاء آيل پئسا ھتان جا بيروڪريٽ ۽ چونڊيل نمائندن ھضم ڪري اهو ثابت ڪيو آهي کين ماڻھن جو احساس ناھي تازو موٽروي جي پئسن ۾ ٿيل ڪرپشن ۽ زميندارن سان دشمني ۽ وري اينٽي ڪرپشن پاران رڪارڊ تحويل ۾ وٺي اصل مجرمن کي بچائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.