کوکراپار جي مختلف علائقن ۾بجلي جي بندش سبب عوام عذاب ۾ورتل، احتجاج، ڌرڻو

کوکراپار(رپورٽ: عنايت قمبراڻي) ملير ڄام ڳوٺ لڳ  پيراڊائز سوسائٽي جي رهواسين جو بجلي جي بندش خلاف احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، مک ميمڻ ڳوٺ روڊ تي ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل گاڏين جون قطارون لڳي ويون، ڪي اليڪٽرڪ جا ڪامورا اسانکي بليڪ ميل ڪري ڳري رشوت عيوض بجلي بحال ڪن ٿا، پيراڊائز سوسائٽي ۾ سھيل ڪنڊا سسٽم هلائي ٿو ۽ بجلي جا ڳرا بل اسان کي ڀرڻا پون ٿا رھواسي گل خاتون محمد يونس ۽ ٻين جون صحافين سان ڳالھيون تفصيل موجب ملير ڄام ڳوٺ لڳ پيراڊائيز سوسائٽي ۾ مسلسل پنجن ڏينھن کان بجلي جي بندش جي خلاف رهواسي ڪالھ  صبح جو سوير ميمڻ ڳوٺ کان ملير ويندڙ مک روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا  جنهن سبب روڊ تي ايندڙ ويندڙ گاڏين جو قطارون لڳي ويون احتجاج ڪندڙ عورتون ۽ ٻارڙا هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ڪي اليڪٽرڪ جي بيلڪ ملينگ بند ڪريو ، ڪي اليڪٽرڪ جي ڪاموري سهيل کي معطل ڪريو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا ان موقعي تي رهواسين عبدالحڪيم ، نور بيبي ،گل خاتون ،محمد يونس شھمير علي ۽ حميد هوت ۽ ٻين چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جا ڪامورا اسانکي بليڪ ميل ڪري بلن جي آڙ۾ ڳري رشوت عيوض بجلي بحال ڪن ٿا ۔ھنن وڌيڪ چيو ته ڪي اليڪٽرڪ عوام لاء وبال جان بڻجي وئي آھي ۽  ڪي اليڪٽرڪ جو ڪامورو سهيل پهريان بجلي چوري جي الزام سبب معطل ٿيو هو سهيل پيراڊائز سوسائٽي ۾ ڪنڊا سسٽم هلائي ٿو ۽ بجلي جا ڳرا بل اسان رھواسين کي ڀرڻا پون ٿا صبح سوير کان لڳل احتجاجي ڌرڻي کي ختم ڪرائي روڊ کولائڻ لاءِ ايس ايڇ او مراد ميمڻ ڳوٺ مظاھرين وٽ پهتو ۽ رهواسين سان ڳالهيون ڪيون جيڪي ناڪام ٿي ويو ھنن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کان  مطالبو ڪيو آھي  ته ڪي اليڪٽرڪ جي ڪامورن سهيل ۽ نديم خلاف سخت قانوني ڪاروائي  ڪري  معطل ڪيو وڃي ۽ اسان جي بجلي بحال ڪئي وڃي ـ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.