سيوهڻ حادثي جي ذميوارن خلاف پٽيشن داخل

سيوھڻ (رپورٽ:خالد ميمڻ) سيوھڻ حادثي جي21 فوتين جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڪالهھ حيدرآباد ھاءِ ڪورٽ جي وڪيل ايڊووڪيٽ سعيد ميرجت حادثي جي ذميوارن خلاف سيوھڻ  جي فرسٽ سول جج جي عدالت ۾ سڌي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. جنهن ۾ درخواست گذار پاران سرڪار جي مدعيت ۾ سيوھڻ ٿاڻي تي داخل ڪرايل ڪيس تي بي اعتمادي  ظاهر ڪري ڇڏي جڏهن ته داخل ڪيل درخواست ۾ اين ايڇ اي، موٽر وي، ايريگيشن ۽ روينيو جي 9 عملدارن ڊائريڪٽر مينٽينينس اين ايڇ اي سنڌ عبدالقدوس شيخ، ڊپٽي ڊائريڪٽر مينٽينينس سنڌ اين ايڇ اي ذوالفقار شيخ،  اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اين ايڇ اي اخلاق حيدر شاهه، انسپيڪٽر اين ايڇ اي عابد حسين،  ايس ايس پي موٽر وي اين 55 عاطف شھزاد، انسپيڪٽر موٽر وي ساجد شاهه، ايڪسيئن ايريگيشن سيوھڻ مھيش ڪمار، ڊي سي ڄامشورو فريد الدين مصطفي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ اقبال حسين جنڊاڻ کي ذميوار ڄاڻائيندي کين ڌر بڻايو ويو. درخواست ۾ ڄاڻايو ويو ته سيوھڻ لڳ انڊس ھاءِ وي تي لڳايل ڪٽ وٽ وين حادثي جا ذميوار اهي ئي عملدار آهن ۽ ڄاڻايل عملدارن جي غفلت ۽ ڪٽ بند نه ڪرڻ سبب حادثو پيش آيو، جنهن ۾ خيرپور ميرس واسي 21 ڄڻا فوت ٿي ويا.ان موقعي تي ايڊووڪيٽ سعيد ميرجت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سيوھڻ ٿاڻي تي بلائينڊ ايف آءِ آر ڪاٽي وئي، جنهن ۾ ڪنهن به کاتي جي عملدار کي شامل ناھي ڪيو ويو، ان ڪري عوام جي مفاد ۾ ھي درخواست داخل ڪئي آهي ۽ عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته ڄاڻايل عملدارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪري متاثرن کي انصاف فراھم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.