سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 52 سيڪڙو لاٿ

اسلام آباد(م ڊ) ملڪ ۾ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ جاري مالي سال جي پهرين 4 مهينن ۾ ساليانو بنيادن تي 52 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان ان حوالي سان جاري ڪيل
انگن اکرن مطابق جاري مالي سال جي پهرين چئن مهينن (جولاءِ کان آڪٽوبر) ۾ ملڪ ۾ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري جو ڳاڻيٽو 348 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي مدي جي ڀيٽ ۾ 52 سيڪڙو گهٽ آهي، گذريل مالي سال جي ساڳي مدي ۾ ملڪ ۾ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري جو ڳاڻيٽو 726 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو، آڪٽوبر ۾ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ ساليانو بنيادن تي 62 سيڪڙو جي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.