گهرن جي اڏاوت لاءِ سروي اڃا شروع ناهي ٿي: حليم عادل

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر ۽ پي ٽي آئي جي مرڪزي اڳواڻ حليم عادل شيخ  پنهنجي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جو ھڪ درٻاري وزير روز اچي ڪوڙ ڳالھائيندو آهي، درٻاري چيو هو ته بلاول سڄي دنيا ۾ ٻوڏ متاثرن جي لاءِ بحالي لاءِ دورو ڪري رهيو آهي، بلاول زرداري جا دورو رڳو گهمڻ لاءِ آهن کيس ٻوڏ متاثرن جي فڪر هجي ها ته ٻڏل علائقن لاڙڪاڻي دادو سيوهڻ ۾ وڃي گھمي ها۽ عوام جي وچ ۾ هجي ها.حليم عادل شيخ چيو ته ٻوڏ دوران جڏهن ماڻهو ٻڏي رهيا هئا ان وقت سنڌ حڪومت جا وزير پارٽيون ڪرڻ ۾ مصروف هئا. حليم عادل شيخ چيو ته لکين ڪٽا راشن توڙي ٽينٽ ورهائڻ جا ڪوڙا دعوا ڪيا پر حقيقت ان جي برعڪس آهي عوام اڃا تائين راشن توڙي امداد لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهي سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ برسات جو پاڻي بيٺل آهي امدادي سامان جا جھاز جا جهاز آيا سمورا سامان پ پ جا وزير ۽ عھديدار کائي کپائي ويا گھرن جي تعمير لاءِ سنڌ ۾ اڃان تائين سروي شروع ناھي ٿي سگهيو،سروي ڪميٽي به سياسي بڻائي ويئي آهي هن چيو ته پنجاب ۾ ھزارين ماڻهن کي گھر ٺاھڻ لاءِ حڪومت پئسا ڏئي ڇڏيا آهن، ٻوڏ متاثرين جي مڪمل بحالي ٿي چڪي آهي پر سنڌ ۾ اڃا تائين ٻوڏ متاثرين روڊن تي بي يارو مددگار ويٺل آهن. سنڌ ۾ اڃان پاڻي بيٺل آهي ڪيئي علائقن ۾ وبائي بيماريون ڦھلجي چڪيون آهن بلاول زرداري جون سنڌ ۾ ويندي ڏنگون ڏڪن ٿيون هن چيو ته جيئن شھباز شريف تي سيلاب متاثرين جا فنڊ کائڻ جي فرد جرم عائد ٿي آھي، ايئن ئي پيپلزپارٽي تي پوري دنيا ۾ عالمي فنڊ کائڻ جو فرد جرم لاڳو ٿيندو، سنڌ سان ٿيل ھڪ ھڪ زيادتي جو حساب پيپلزپارٽي کان وٺنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.