فيڪٽ فوڪس جي ويب سائيٽ بلاڪ ٿيڻ جي ڪوڙي خبر هلائي وئي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  فيڪٽ فوڪس ۾ ڪم ڪندڙ احمد نوراني آمريڪا ۾ رهي ٿو، هن ڪيتريون ئي اسٽوريون ڏنيون، پاناما پيپر وانگر خبر سان گڏ دستاويز به ڏنا ويا، ان اسٽائل وانگر هن آرمي چيف جنرل قمر جاويد ۽ سندس خاندان جي اثاثن جي وڌندڙ اثاثن جي خبر ڏني آهي.

باخبر صحافي موجب سوشل ميڊيا تي افواهه هليو ته اها ويب سائيٽ بلاڪ ڪئي وئي بعد ۾ ويب سائيٽ بحال ٿي وئي ،هن جي خبر درست ثابت ٿي آهي، ڪنهن به ان جي ترديد ناهي ڪئي، اسحاق ڊار ڊيوٽي لڳائي ته ڊيٽا ڪيئن ليڪ ٿي؟ پاڪستان اندر ان خبر تي ڌماچوڪڙي متل آهي.

 لالا صحرائي جي اثاثن جي خبر به ليڪ ٿيڻ واري آهي، فائلون گڏ ٿيڻ شروع ٿيون آهن، اپريل ۾ هن جي ريٽائرمينٽ ويجهو اچڻ تي اثاثا ظاهر ڪيا ويندا آهن هي هاٿين جي لڙائي آهي، احمد نوراني باجوا جي اثاثن جي خبر ليڪ ڪئي هن کي گاريون وري ن ليگ وارا ڏئي رهيا آهن.

عاصم سليم باجوا جي بزنيس امپائر جي خبر ليڪ ڪرڻ تي نوراني کي ماضي ۾ پي ٽي آءِ پاران گارگند ڪيو ويو هو، صحافي پنهنجو ڪم ڪندا آهن، ان خبر جي ٽائمنگ سٺي ناهي،ڪو ٻيو ان کي استعمال ڪري ويندو، احمد نوراني سوشل ميڊيا تي وڏو خوش آهي ته هن جي خبر درست آهي، طاقتور عهدي تي مقرري ٿيڻ واري آهي، ان موقعي تي اهڙي قسم جي خبر اچڻ معنيٰ خيز آهي.

نوٽ: رضوان رضيءَ جو هي تبصرو روزاني عوامي آواز اڱارو 22-11-22 تي شايع ٿيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.