10 خط لکڻ باوجود وفاق سيوهڻ روڊ ڊبل نه ڪيو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر) اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سي او پي 27 ۾ گذريل ڏينهن موسمياتي تبديلي ۽ نقصان جو فنڊ قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو هڪ انتهائي اهم عالمي مسئلو هو. مان پوري قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. ڪالهه اسان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي مسلسل ڪوششن ۽ محنت جي ڪري COP 27 پاڪستان جي ڪيس کي تسليم ڪيو. اڳوڻي وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي بيانئي کي سخت ڌڪ رسايو آهي. ٻوڏ کانپوءِ سڄي دنيا جون نظرون پاڪستان تي هيون، پرڏيهي سربراھ ۽ عالمي اين جي اوز پاڪستان اچي رهيون هيون. هن شخص جعلي لانگ مارچ جو ڊرامو رچائي ملڪ ۾ اهڙي صورتحال پيدا ڪئي جنهن سڄي دنيا جو رخ موڙي ڇڏيو. بين الاقوامي تنظيمن پنهنجا پروگرام روڪي ڇڏيا. عمران خان پنهنجي ذاتي مفادن خاطر ملڪ ۽ ٻوڏ متاثرن کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو آهي. اڄ به لکين ماڻهو مدد جا منتظر آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. سنڌ ڪابينا ڪڻڪ جو امدادي اگهه 4000 رپيا في مڻ مقرر ڪيو آهي. وڏي وزير سختي سان هدايت ڪئي آهي ته جيڪي هاري ڪڻڪ جي پوکائي ڪري رهيا آهن انهن سمورن هارين کي فوري طور تي 5-5 هزار رپيا في ايڪڙ ڏنا وڃن. هن چيو ته گهرن جي تعمير تي به خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ 20 لک کان وڌيڪ متاثرن جا گهر تعمير ڪيا ويندا. هن چيو ته عمران خان ٻوڏ متاثرن جي نالي تي جيڪو به چندو گڏ ڪيو، اهو لانگ مارچ ۽ سوشل ميڊيا جي مڪروھ مهم تي خرچ ڪيو. صوبائي وزير چيو ته هو ايف آءِ اي ۽ نيب کي اپيل ڪري ٿو ته پي ٽي آءِ پاران ٻوڏ متاثرن جي نالي تي ورتل امداد جو آڊٽ ڪيو وڃي ته جيئن خبر پئجي سگھي ته اها رقم ڪيڏانهن وئي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان ڪالهه ڪهڙي قانون تحت چيو آهي ته ادارن موجوده اتحادي پارٽين کي حڪومت ٺاهڻ کان ڇو نه روڪيو. واچ جي چوري جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جنهن شخص کي دنيا مشهور ڪرڪيٽر طور سڃاڻيندي هئي، اڄ دنيا ان شخص کي واچ چور جي نالي سان ياد ڪري ٿي. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري توشه خانه مان گاڏي ورتي ۽ اها اڃا به سندس استعمال ۾ آهي. عمران خان ڪريل ڪم ڪيو آهيهڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڊي سي مٽياري ۽ ملوث آفيسرن کي موٽر وي فنڊ ڪيس ۾ معطل ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ اعليٰ سطحي جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، گرفتاريون به ڪيون ويون آهن، جيڪو به ملوث هوندو ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. سيوهڻ حادثي بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي غفلت ڪندڙ آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو. هن چيو ته سنڌ حڪومت انڊس هاءِ وي کي ڊبل ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت کي 10 ڀيرا خط لکيا پر ان تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.