ڪوٽڙي ۾ غريب آباد ڪالوني جي رهواسين جو سوئي گئس جي بندش خلاف احتجاج

ڪوٽڙي ۾ غريب آباد ڪالوني جي رهواسين پاران سوئي گئس بندش خلاف احتجاج ڪيو ويو.

مردن توڙي عورتن راجو انصاري، ذيشان، سلما بيگم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوئي گئس آفيس آڏو احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته گذريل ڪيترن مهينن کان غريب آباد ڪالوني جي گئس بند آهي، جنهن سبب رڌ پچاءَ ۾ سخت ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پوي ٿو.

سندن چوڻ هو گئس نه هجڻ سبب رڌ پچاءَ وقت سر نه پيو ٿي ۽ معصوم ٻارڙا بکن تي اسڪول، مسجد هليا وڃن.

ھنن سوئي سدرن گئس ڪمپني جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بنا دير گئس بحال ڪري ڏکيائين بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.