ڪنهن ٻئي سان شادي ڪرڻ تي گرل فرينڊ جا 6 ٽڪرا ڪندڙ جوابدار گرفتار

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڪنهن ٻئي سان شادي ڪرڻ تي اڳوڻي گرل فرينڊ جو قتل ڪري ٽڪرا ڪري کوهه ۾ اڇلائندڙ وحشي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو اترپرديش جي رياست جي علائقي اعظم گڙهه ۾ پيش آيو جتي هڪ ماڻهو نياڻي کي قتل ڪري لاش جا 6 ٽڪرا ڪري کوهه ۾ اڇلايا جڏهن ته مٿي کي هڪ ويجهي ڍنڍ ۾ ڦٽو ڪيو.

ڀارتي ميڊيا موجب جوابدار جي سڃاڻپ پرنس ياديو جي نالي سان ٿي آهي جنهن کي پوليس ڇنڇر تي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو، جوابدار پوليس جي گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيو، جوابدار کي ان جڳهه تي وٺي ويا جتي ڇوڪري جو مٿو موجود هو.

پوليس موجب ياديو پوليس کان ڀڄڻ جي ڪوشش به ڪئي ۽ واقعي واري هنڌ پستول به لڪائي رکيو هو.

پوليس موجب ناري کي قتل ڪرڻ جو واقعو 15 نومبر تي پيش آيو  جڏهن ته مقامي ماڻهن ناري جو مٿو ملڻ جواطلاع پوليس کي ڏنو جنهن جي جاچ بعد ڄاڻ ملي ته ناري جو نالو آراڌنا هو، سندس جسم جا ٽڪرا کوهه مان لڌا جيڪي ڪجهه ڏينهن پراڻا هئا.

پوليس موب جوابدار ياديو پنهنجي والدين، ڪزن ۽ ٻين مٽڻ مائٽن سان ملي ناري جي قتل جي منصوبابندي ڪئي جنهن جو ڪارڻ ناري جو ڪنهن ٻئي سان شادي ڪرڻ هو.

پوليس موجب ناري جي عمر اٽڪل 20 سال هئي، جوابدار ۽ ناري جي وچ ۾ رومانوي تعلق هئا پر چوڪريءَ ڪنهن ٻئي سان شادي ڪري ڇڏي جنهن تي کيس 9 نومبر تي جوابدار موٽر سائيڪل تي مندر وٺي ويو، اتي پهريون هن سندس ڳلو دٻايو پوءِ جسم جا 6 ٽڪرا ڪري کوهه ۾ اڇلايا ۽ مٿو ويجهي ڍنڍ ۾ اڇلائي ڇڏيو.

پوليس موجب جاچ کانپوءِ جوابدار هٿان تيز ڌار اوزار۽ پستول مليو، ڪيس ۾ شامل ٻيا جوابدار مفرور آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.