سيوهڻ ويجهو سوزوڪي ڪلٽي، ھڪ پورھيت فوت، 3 ڄڻا زخمي

سيوهڻ(ن ع آ) ڳوٺ واهڙ وٽ انڊس ھاء وي تي تيز رفتار سوزڪي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو پورھيت ٿڏي تي فوت ٿي ويو ۽ 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا فوتي ۽ زخمي سيد عبدالله شاه انسٽيٽيوٽ سيوھڻ منتقل ڪيو ويو جتي فوتي جي سڃاڻپ ڳوٺ نگاول واسي پورھيت محمد پٽ خدا ڏنو خاصخيلي طور ڪئي وئي جڏهن ته زخمين ۾ ارباب، بلو ۽ خان محمد خاصخيلي شامل آهن جن مان ھڪ زخمي ارباب خاصخيلي جي حالت ڳڻتي ڄوڳي ٻڌائي وڃي ٿي جنهن کي آء سي يو ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ٻڌايو وڃي ٿو ته حادثي  جو شڪار ٿيل پورهيت ڳوٺ نگاول کان ڀان سيدآباد وڃي رهيا هئا ڳوٺ واهڙ وٽ حادثو پيش آيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.