ڪراچي ۾ کدڙن جي حقن لاءِ سنڌ مورت مارچ

ڪراچي: ڪراچيءَ جي فيريئر هال ۾ خواجه سراء تنظيم پاران سنڌ مورت مارچ ملهايو ويو جنهن ۾ شھزادي راء، بنديا رانا، حنا بلوچ، ڊاڪٽر مهرب اعواڻ، عورت مارچ جي اڳواڻن ۽ ڪراچي بچايو تحريڪ جي اڳواڻن سميت ٻين تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته بنيادي انساني ءِ شهري حق، عزت، برابري ءِ احترام سان گڏ جيئڻ لاءِ جدجهد ٿا ڪيون هي ڏينهن ملهائڻ به سندن هن جدوجهد جي هڪ ڪَڙي آهي، هنن چيو ته اسان جو آواز اعلي ايوانن ۾ ٻڌو وڃي۽ اسان جي جائز مطالبن تي سنجيدگي جو مظاهرو ٿيڻ کپي ته ملڪ ۾ رهندڙ هر ماڻهو کي قانوني ءِ آئيني حقن جي حاصلات ٿي،  پيمرا سخت نوٽيس وٺي هر انهي عمل جو جيڪا ٻولي کدڙن فقيرن خلاف اسڪرين تي ڳالهائي وڃي ٿي، جڏهن ته وفاقي ءِ صوبائي حڪومت سان مطالبو ٿا ڪيون ته هڪ سيٽ کدڙن فقيرن لاِ مخصوص ڪن ته جيئن اسان کي نمائندگي ملي. هنن وڌيڪ چيو ته نصاب ۾ کدڙن فقيرن جي تاريخ بابت ڪجهه لکيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي آگاهي ملي ۽ اسان خلاف ماڻهن جي ذهنن ۾ نفرت گهٽ ٿئي،  هنن چيو ته روزمره جي بنياد تي پبلڪ ۽ پرائيوٽ ادارن ۾ کدڙن فقيرن جي عزت لاءِ ڪنهن مهم جو آغاز ڪيو وڃي ته جيئن سماج ۾ تبديلي اچي ۽ کدڙن فقيرن لاءِ 2018 ۾ ٺاهيل  قانون کي اصل حالت آڻي حتمي آئيني شڪل ڏني وڃي، هنن وڌيڪ چيو ته فقيرن کي والدين طرفان گهرن مان نيڪالي ڏيڻ ۽ ملڪيتن مان بي دخل ڪرڻ ڏوھ قرار ڏنو وڃي، حڪومت کدڙن فقيرن لاءِ ٻه  سيڪڙو ڪوٽا فوري لاڳو ڪري ۽ ان تي عمل ڪري کدڙن فقيرن کي نوڪريون ڏنيون وڃن. هن چيو ته پاڪستان پهريون اسلامي ملڪ آهي جتي بين الاقوامي سطح تي نمائندگي لاءِ هڪ کدڙي فقير ڪئي جيڪا تاريخ رقم ٿي آهي، جڏهن به کدڙا ڪميونٽي جي حق ۾ ڪو قانون پاس ٿيندو آهي يا انهن جي فائدي لاءِ حڪومت پارلياماني سطح ته الائي ڇو مذهبي تنظيمون تحرڪ ۾ اچي وڃن ٿيون، جيڪو عمل مذمت جوڳو آهي. ان موقعي تي خواجا سراء جي اڳواڻ  شهزادي خطاب ڪندي چيو ته 2018ع ۾ ٽرانسجينڊر بل آندو ويو هو. پر هاڻي ان بل جي هڪ مذهبي پارٽي مخالفت  پئي ڪري. سندس چوڻ هو ته خواجا سرائڻ جي به پنهنجي زندگي آهي پر خواجا سرائن جي حقن تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن. اڃوڪي سنڌ مورت مارچ ثابت ڪيو آهي ته خواجا سراء هڪ پليٽ فارم تي گڏ آهن. ۽ خواجا سرائن جي ملڪ ۾ وڏي اڪثريت آهي. ان موقعي تي بنديا راڻي خطاب ڪندي چيو ته اهڙيون تقريبون هاڻي هر سال پوري ملڪ ۾ ڪوٺايون وينديون. حڪومت  کي گهرجي ته اسان کي به ايندڙ اليڪشن ۾ ٽيڪٽون جاري ڪري ۽ اسان جي ڪميونٽي کي ڪوٽا تحت نوڪريون ڏنيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.