نئين ڪنوار پنهنجي چاهيندڙ جي چرچ تي مڙس کي ماري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) خضدار جي علائقي باغبانا ۾ نئين ڪنوار فائرنگ ڪري پنهنجي مڙس کي قتل ڪري ڇڏيو.

ليويز فورس ڪارروائي ڪندي جوابدار عورت کي سهولتڪار سميت گرفتار ڪري ورتو ۽ سندن قبضي مان هٿيار به هٿ ڪيو ويو.

ڊپٽي ڪمشنر خضدار ميجر رٽائرڊ محمد الياس ٻڌايو ته 16 نومبر 2022 تي خضدار جي علائقي باغبانا ۾ فائرنگ کان اڳ نوجوان عرفان زهري زخمي ٿيو هو، جنهن بعد علاج لاءِ کيس ڪراچي نيو ويو هو جتي دم ڏنائين.

عرفان زهري جي 20 ڏينهن اڳ نجمه سان شادي ٿي هئي

ڪنوار انڪشاف ڪيو ته سندس سهولتڪار سعيد احمد سان هن جا چئن سالن کان لاڳاپا آهن ۽ هو ساڻس شادي جي خواهشمند هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.