مشاهد حسين انٽرنيشنل ڪانفرنس آف ايشين پوليٽيڪل پارٽيز جو شريڪ چيئرمين چونڊجي ويو

 

استنبول (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جو سينيئر سياستدان مشاهد حسين سيد انٽرنيشنل ڪانفرنس آف ايشين پوليٽيڪل پارٽيز جو شريڪ چيئرمين چونڊجي ويو.

استنبول ۾ آءِ سي اي پي پي جي شريڪ چيئرمين لاءِ مشاهد حسين جو نالو ٿائلينڊ ۽ ايران پيش ڪيو.

چين، ڪمبوڊيا، روس، لبنان، ترڪيه ۽ انڊونيشيا مشاهد حسين سيد جي نامزدگي جي حمايت ڪئي.

ان موقعي تي سينيٽر مشاهد حسين پاڻ تي اعتماد ڪرڻ تي شرڪت ڪندڙن جا  ٿورا مڃيا ۽ ان چونڊ کي پاڪستان لاءِ وڏو اعزاز پڻ قرار ڏنو.

استنبول ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ 33 ملڪن جي 70 سياسي جماعتن جا 200 نمائندا ۽ اڳواڻ شريڪ ٿيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.